Shoq e Hajj

Book Name:Shoq e Hajj

اسان پنهنجو معمول بڻايون ته رات جو ڪنهن وقت اڪيلائيءَ ۾ ويهون ڪڏهن ڪعبي شريف جو تصور ڪريون، ڪڏهن منٰي شريف جو تصور ڪريون، تصور ئي تصور ۾ ڪڏهن ميدانِ عرفات ۾ پهچون، ڪڏهن لَبَّيْك اَللّٰھُمَّ لَبَّيْك جون صدائون لڳايون، صفا ۽ مروه جي سعي ڪريون. پوءِ پنهنجي محروميءَ کي تصور ۾ آڻي الله ڪريم جي بارگاھ ۾ روئي روئي ڪري دعائون گهرون: اي الله! مون کي حج جي سعادت عطا فرماءِ، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! حج جو شوق پيدا ٿيندو، اکين مان ڳوڙها نڪرندا، ته الله پاڪ جي رحمت ۾ وڏي اميد آهي ته ڪرم ٿيندو، دل ۾ حج جو شوق به وڌندو ۽ الله چاهيو ته حج جو پيغام به نصيب ٿي ئي ويندو.

   شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت، بانيءِ دعوت اسلامي، حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جا تمام خوبصورت 3 ڪتاب آهن: عاشقانِ رسول جون 130 حڪايتون، رَفِیْقُ الْحَرمَیْن ۽ رَفِیْقُ الْمُعْتَمِرِیْن هي ڪتاب پڙهو، دل ۾ حج جو شوق وڌائڻ جي لاءِ تمام بهترين نسخا آهن. پنهنجي والدين ۽ مرحومين جي ايصال ثواب جي لاءِ ۽ پنهنجي قبر ۽ آخرت کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ حج ۽ عمري تي وڃڻ وارن کي تحفي ۾ پيش ڪريو، حاجي ۽ عمرو ڪرڻ وارا هنن ڪتابن کي پڙهندا ، چڱي انداز ۾ حج ۽ عمرو ادا ڪري سگهندا ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! اسان کي به ان جون برڪتون ملنديون، ڪهڙي خبر ته ان نيڪ عمل جي صدقي اسان کي به مديني پاڪ ۽ مڪي شريف جو پيغام  ملي وڃي.

جان و دِل ہوش و خرد سب تو مدینے پہنچے     تم نہیں چلتے رضا سارا تو سامان گیا

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدني قافلو

اي عاشقانِ رسول! حج جو شوق وڌائڻ جي لاءِ صحبت به وڏو اثر رکندي آهي، ان ڪري دل ۾ نيڪين جي رغبت وڌائڻ، گناھن کان نفرت ڪرڻ، حج ۽ مديني جو شوق وڌائڻ، مڪي مديني جي محبت سان دل کي پُرنور بڻائڻ جي لاءِ