Book Name:Shoq e Hajj
جيڪو صحت مند ۽ تندرست هئڻ جي باوجود، مال ۽ دولت هئڻ جي باوجود، استطاعت جي باوجود حج جي سفر جي سعادت حاصل ناهي ڪندو. اپاهج حاجي گوڏن ڀر وڃي رهيو هو، ان کي گهران نڪتي 10 سال ٿي چڪا هئا، اڃان به سفر ۾ هو. ۽ نادان مسلمان صرف ڪجھ ڪلاڪن جو سفر ڪرڻ جي لاءِ به همت ناهي ڪندو، هاءِ افسوس! ڪاش! اسان کي حج جو شوق نصيب ٿئي، ڪاش...! اسان جي دلين ۾ به محبت الهي ۽ عشقِ رسول جي شمع ايئن ٻري جو اسان سڀ ڪجھ ڇڏيون ۽ الله ۽ رسول جي حڪم تي عمل ڪندي حج فرض هجي ته حج جي لاءِ وڃون، جيڪڏهن فرض نه هجي ۽ الله نفل حج جي استطاعت بخشي هجي ته ڪاش! بار بار وڃون.
شَرَف دے حج کا مجھے میرے کبریا یَا رَبّ! روانہ سُوئے مدینہ ہو قافِلہ یَا رَبّ!
دکھا دے ایک جھلک سبز سبز گنبد کی بس اُن کے جلوؤں میں آجائے پھر قضا یَا رَبّ!
بَوقتِ نَزع سلامت رہے مِرا ایماں مجھے نصیب ہو توبہ ہے اِلتجا یَا رَبّ! ([1])
الله پاڪ ان اپاهج حاجي جي صدقي اسان کي به حج جو شوق نصيب فرمائي.
آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
اچو! حج جو شوق وڌائڻ جي لاءِ حج جا فضائل ٻڌون ٿا:
حج ڪرڻ جي فضيلت تي 3 مبارڪ حديثون
(1): حضرت ابو هريره رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کان روايت آهي، الله جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: ٻانهو ڪعبي شريف جو طواف ڪري، ان دوران نه فُحش ڳالهيون ڪري، نه ئي گناھ جو ڪم ڪري ته رَجَعَ كَمَا وَلَدَتْهُ اُمُّهٗ اهو ايئن