Book Name:Shoq e Hajj
موٽندو جيئن ان جي ماءُ ان کي ڄڻيو آهي. ([1]) (2): بخاري شريف جي حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلْعُمْرَةُ اِلَى الْعُمْرَةِ كَفَّارَةٌ لِّمَا بَيْنَهُمَا هڪ عمرو ٻئي عمري تائين وچ واري گناهن جو ڪفارو آهي، وَالحَجُّ المَبْرُورُ لَيْسَ لَهٗ جَزَاءٌ اِلَّا الْجَنَّةُ ۽ مقبول حج جي جزا صرف ۽ صرف جنّت آهي. ([2]) (3): مسلم شريف جي حديث پاڪ آهي، پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: اِنَّ الْحَجَّ يَهْدِمُ مَاكَانَ قَبْلَهٗ بيشڪ حج پهريان جي گناهن کي معاف ڪرائي ڇڏي ٿو.([3])
حقوق العباد جي ادائيگي حج کان بعد به ضروري آهي
اي عاشقانِ رسول! معلوم ٿيو ايمان ۽ نيڪ اعمال گناهن جي معافيءَ جو ذريعو آهن، عالم سڳورا فرمائن ٿا: عمرو ڪرڻ سان صغيره گناھَ معاف ٿي ويندا آهن ۽ مقبول حج ۾ ڪبيره گناهن جي معافي جي قوي اميد آهي.
هتي هي خيال رهي ته حج جي برڪت سان گناھ ته ڌوپجي ويندا، پر حقوق العباد کان ڇوٽڪارو نه ملندو، مثال طور ڪنهن قرض ورتو هو، قرض جي ادائيگيءَ ۾ ان دير ڪئي، ته ان تاخير جو گناھ حج ڪرڻ سان معاف ٿي ويندو، پر جيڪا رقم ورتل آهي اها موٽائڻي ئي پوندي (ڇو ته اها رقم ان جو حق آهي).
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب! صَلَّى اللّٰه ُ عَلٰى مُحَمَّد
حاجي 400 ماڻھن جي شفاعت ڪندو
حضرت ابو موسٰي اشعري رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ روايت ڪن ٿا: الله پاڪ جي رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: حاجي پنهنجي اهلِ خانه مان 4 سؤ ماڻھن جي شفاعت ڪندو ۽ حاجي گناهن کان ايئن نڪري ويندو آهي جيئن ان جي ماءُ ان کي ڄڻيو هو. ([4])