Shoq e Hajj

Book Name:Shoq e Hajj

حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين: يا رسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مان تمام گهڻو ڪمزور آهيان، جهاد تي نٿو وڃي سگهان، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي  صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: :هَلُمَّ اِلٰى جِهَادٍ لَا شَوْكَةَ فِيهِ: الْحَجِّ توهان ان جهاد جي طرف وَڌو! جنهن ۾ ڪَنڊي جو خطرو ناهي يعني حج ادا ڪندا ڪريو.([1])

مَبۡرُور حج جي فضيلت

رسولِ اڪرم، نورِ مجسّم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: حَجَّةٌ مَّبْرُوْرَةٌ خَيْرٌ مِّنَ الدُّنْيَا وَ مَا فِيْهَا مَبۡرور حج يعني مقبول حج دنيا ۽ جيڪو ڪجھ دنيا ۾ آهي انهن سڀني کان بهتر آهي وَ حَجَّةٌ مَّبْرُوْرَةٌ لَيْسَ لَهَا جَزَاءٌ اِلَّا الْجنَّة ۽ مقبول حج جي جزا صرف ۽ صرف جنّت ئي آهي. ([2])

مَبۡرُور حج ڪنهن کي چوندا آهن؟

مبرور حج مان مراد اهو حج آهي: جنهن ۾ گناھ کان بچيو وڃي، يا اهو حج جنهن ۾ ريا ۽ نمائش کان پرهيز هجي، يا اهو حج جنهن ۾ حاجي مرڻ وقت تائين گناهن کان بچي، حج برباد ڪرڻ وارو ڪو عمل نه ڪري. ([3])

حج جي سفر ۾ مرڻ واري جي فضيلت

پياري آقا مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: جيڪو حج جي لاءِ نڪتو ۽ فوت ٿي ويو ته قيامت تائين ان جي لاءِ حج ڪرڻ واري جو ثواب لکيو ويندو ۽ جيڪو عمري جي لاءِ نڪتو ۽ فوت ٿي ويو ان جي لاءِ قيامت تائين عمرو ڪرڻ واري جو ثواب لکيو ويندو. ([4])


 

 



[1]... معجم اوسط، جلد:3، صفحہ:190، حدیث:4287۔

[2]... احیاء علوم الدین، کتاب اسرار الحج، جلد:1، صفحہ:317۔

[3]... مرآۃ المناجیح ، جلد:5، صفحہ:727۔

[4]... مسند ابی یعلیٰ، مسند ابو ہریرۃ، جلد:5، صفحہ:44، حدیث:6350۔