Book Name:Shoq e Hajj
حضرت عبد الله بن عمر رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کان روايت آهي: رسولِ اڪرم، نورِ مجسّم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: جڏهن توهان حاجيءَ سان ملو ته ان کي سلام ڪريو ان سان هٿ ملايو ۽ ان جي گهر پهچڻ کان پهريان پهريان ان کان مغفرت جي دعا ڪَرايو، بيشڪ اهو بخشيل آهي. ([1])
سوال به پاڻ ٻڌايائون ۽ جواب به پاڻ ڏنائون
ابنِ حبّان جي روايت آهي، هڪ ڀيري هڪ انصاري صحابي پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ ڪجھ سوال پڇڻ جي لاءِ حاضر ٿيو، رسولِ اڪرم، نورِ مجسّم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: جيڪڏهن توهان چاهيو ته مون کان سوال ڪيو! جيڪڏهن چاهيو ته مان ئي توهان کي توهان جا سوال به ٻڌايان ۽ انهن جا جواب به ٻڌايان. صحابي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جن عرض ڪيو: يا رسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم توهان ئي ارشاد فرمايو ته مان ڇا پڇڻ آيو آهيان؟ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: توهان پڇڻ آيا آهيو ته حاجي پنهنجي گهر کان نڪرندو آهي ته ان جي لاءِ ڪهڙو ثواب آهي؟ جڏهن اهو ميدانِ عرفات ۾ ترسندو آهي ته ان جي لاءِ ڪهڙو ثواب آهي؟ جڏهن حاجي آخري طواف پورو ڪري وٺندو آهي ته ان جي لاءِ ڪهڙو ثواب آهي؟ انصاري صحابي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جن عرض ڪيو: اي الله پاڪ جا نبي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! ان ذات جو قسم! جنهن توهان کي سچو نبي بڻائي ڪري موڪليو، بيشڪ توهان سڀ سوال درست ارشاد فرمايا، هاڻي انهن جا جواب به عطا فرمايو، پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: جڏهن حاجي پنهنجي گهر کان نڪرندو آهي ته ان جي سواري جي هر قدم جي بدلي ان جي لاءِ هڪ نيڪي لکي ويندي آهي ۽ ان جو هڪ گناھ معاف