Book Name:Shoq e Hajj
اَللهُ اکبر! اي عاشقانِ رسول! غور فرمايو! ڪيڏي سخت وعيد آهي اسان جا آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم رَحْمَۃٌ لِّلْعٰلَمِیْن ( يعني تمام جهانن جي لاءِ رحمت) آهن ماڻهن جو ايمان قبول ڪرڻ، پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي تمام گهڻو پسند آهي، جڏهن ڪافر ڪلمو نه پڙهندا هئا، قرآني آيتن تي ايمان نه آڻيندا هئا ته پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تمام گهڻو غمگين ٿي ويندا هئا، پاڻ سڳورا
صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪافرن جي ڪلمي نه پڙهڻ سان به غمگين ٿيندا هئا، هو هڪ مسلمان جي لاءِ فرمائن ٿا: حج فرض هئڻ جي باوجود اگر هو حج نٿو ڪري، اهو چاهي يهودي ٿي ڪري مري يا نصراني ٿي ڪري. حڪيم الامت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن حديثِ پاڪ جي وضاحت ڪندي فرمائن ٿا: مطلب هي ته جيڪو حج جو تارڪ آهي (يعني جيڪو حج فرض هئڻ جي باوجود حج ادا ناهي ڪندو) ان جي موت ۾ ۽ يهودي ۽ نصرانيءَ جي موت ۾ ڪو فرق ناهي، الله پاڪ تارڪِ حج سان به ناراض آهي ۽ يهود و نصارٰي سان به ناراض آهي. ها! ٻنهي ناراضگين ۾ فرَق آهي. ۽ جيڪڏهن ڪو اهڙو شخص آهي جيڪو حج ڪندو به ناهي ۽ حج جي فرضيت جو به انڪار ڪندو آهي ته اهو ٻانهو ڪافر ٿي ويندو ۽ ان جي ۽ اهلِ ڪتاب جي ڪفر ۾ ڪو فرق نه رهندو. ([1])
شَرَف دے حج کا مجھے میرے کبریا یا رب! روانہ سُوئے مدینہ ہو قافِلہ یا رب!
دکھا دے ایک جھلک سبز سبز گنبد کی بس اُن کے جلووں میں آجائے پھر قضا یا رب!
بَوقتِ نَزع سلامت رہے مِرا ایماں مجھے نصیب ہو کلمہ ہے التجا یا رب! ([2])
اي عاشقانِ رسول! حج ڪرڻ وڏي سعادت آهي، جنهن تي حج فرض آهي اهو حج جي لاءِ وڃي ئي وڃي ۽ جيڪو فرض حج ادا ڪري چڪو آهي، جيڪڏهن