Shoq e Hajj

Book Name:Shoq e Hajj

حاجي جي لاءِ بخشش جي خوشخبري

حضرت ابو ذَر غِفاري رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کان روايت آهي رسولِ رحمت، شفيعِ امَّت
صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: الله پاڪ جي نبي داؤد عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم الله پاڪ جي بارگاھ ۾ عرض ڪيو: اي الله پاڪ! جيڪي تنهنجي گهر يعني ڪعبه شريف جي زيارت جي لاءِ اچن، انهن ٻانهن جي لاءِ ڪيترو اجر آهي؟ الله پاڪ فرمايو: اي داؤد! بيشڪ جيڪي منهنجي ڪعبي جو حج ڪن، ته منهنجي ذمهءِ ڪرم تي آهي ته مان انهن کي دنيا ۾ معاف ڪري ڇڏيان ۽ (قيامت جي ڏينهن) جڏهن اهي مون سان ملن ته مان انهن جي بخشش فرمائي ڇڏيان. ([1])

الله جي رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جڏهن عرفه جو ڏينهن ٿيندو آهي، الله پاڪ ملائڪن جي سامهون فخر فرمائيندو آهي، ارشاد ٿيندو آهي: اي ملائڪو! منهنجي ٻانهن کي ڏسو! پريشان حال، وکريل وارن سان پري پري کان آيا آهن، مان توهان کي گواھ بڻايان ٿو بيشڪ مون انهن کي بخشي ڇڏيو. ملائڪ عرض ڪندا آهن: اي الله پاڪ! انهن ۾ گنھگار به آهن تنهن تي الله پاڪ فرمائيندو آهي: بيشڪ مون انهن کي به بخشي ڇڏيو. ([2])

یَا اَللہُ  یَا  رَحْمٰنُ                                                                                                                                                    یَا حَنَّانُ   یَا مَنَّانُ

بخش دے بخشے ہوؤں کا صدقہ      یَا اَللّٰہ مِری جھولی بھر دے

حج ڪمزورن جو جهاد آهي

شهيدِ ڪربلا حضرت سيّدنا امام حسين رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کان روايت آهي: هڪ ڀيري هڪ شخص الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾


 

 



[1]... معجم اوسط، جلد:4، صفحہ:297، حدیث:6037۔

[2]... کنز العمال، کتاب الحج، جُز:5، جلد:3، صفحہ:29، حدیث:12098۔