Shoq e Hajj

Book Name:Shoq e Hajj

حق ۾ ان جي شفاعت کي قبول ڪيو، جيڪڏهن اهو ٻانهو ميدانِ عرفات ۾ رڪيل تمام ماڻهن جي شفاعت ڪري ته مان ان جي شفاعت قبول ڪندُس. ([1])

تیری اِک اِک ادا پر اے پیارے       سَو درودیں فدا، ہزار سلام

وہ سلامت رہا قیامت میں           پڑھ  لئے  جس  نے  دِل  سے  چار  سلام  ([2])

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب!                        صَلَّى اللّٰه ُ عَلٰى مُحَمَّد

بيان ٻڌڻ جون سنتون

حديث پاڪ ۾ آهي: اَفْضَلُ الْعَمَلِ اَلنِّيَّةُ الصَّادِقَةُ سچي نيت افضل ترين عمل آهي. ([3])

اي عاشقانِ رسول! هر ڪم کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪرڻ جي عادت بڻايو ڇو ته چڱي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخل ڪري ڇڏي ٿي. بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺو! مثلاً نيت ڪيو! & علم دين سکڻ جي لاءِ سڄو بيان ٻڌندس. & با ادب ويهندس. & پنهنجي اصلاح جي لاءِ بيان ٻڌندس. & جيڪو ٻڌندس ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب!                                               صَلَّى اللّٰه ُ عَلٰى مُحَمَّد

مايوس نه ٿيڻ وارو حاجي

حضرت مالڪ بن دينار رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه الله پاڪ جا ڪامل ولي آهن، ربّ جي محبت ۾ ٽمٽار، عشقِ رسول سان مالا مال، تمام وڏي رتبي واري شخصيت آهن، پاڻ فرمائن ٿا: الله پاڪ مونکي 14 سال لڳاتار حج جي سعادت عطا فرمائي، مان هر سال مڪي شريف ۾ حاضر ٿيندو هيس ۽ ڪعبي شريف جو طواف ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندو هيس ۽ هر سال مان اتي هڪ شخص کي ڏسندو هئس، اهو


 

 



[1]... شُعب الایمان ، باب فی المناسک، جلد:3، صفحہ:463، حدیث:4074۔

[2]... ذوقِ نعت، صفحہ:170- 171۔

[3]... جامع صغیر، صفحہ:81، حدیث:1284۔