Book Name:Shoq e Hajj
آخر مديني ۾ ئي ٻه گز زمين جو ٽڪرو نصيب ٿي وڃي. آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
مجھے مرنا ہے آقا گنبدِ خضرا کے سائے میں وطن میں مَر گیا تو کیا کروں گا یا رسولَ اللہ!
حج جي سعادت ڪنهن کي ملندي آهي؟
الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
وَ اَذِّنْ فِی النَّاسِ بِالْحَجِّ (سيپارو: 17، سورہ حج: 27)
ترجمو ڪنز العرفان: ۽ ماڻهن ۾ حج جو عام اعلان ڪري ڇڏ.
مفسرينِ ڪرام هن آيت جي حوالي سان فرمائن ٿا: ڪعبو شريف جنهن جاءِ تي هاڻي آهي پهريان به اُتي ئي هو، حضرت نوح عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي مبارڪ دور ۾ طوفان (Storm) آيو، ان وقت ڪعبي شريف کي کنيو ويو هو، پوءِ حضرت ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي مبارڪ دور ۾ الله پاڪ حضرت ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم کي حڪم ڏنو: اي ابراهيم! بيتُ الله شريف جي تعمير (اڏاوت) ڪريو! حضرت ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم مڪي شريف تشريف کڻي آيا، پاڻ ڪعبةُ الله شريف جي تعمير ڪيائون، حضرت اسماعيل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جيڪي سندن شهزاده هئا، حضرت اسماعيل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم به پنهنجي پيءُ سان گڏجي ڪعبة الله جي تعمير ۾ هٿ ونڊايو ٻنهي پيءُ پٽَ ڪعبه شريف جي تعمير کي مڪمل ڪيو، جڏهن تعمير مڪمل ٿي وئي.
ته الله پاڪ حضرت ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم کي حڪم ڏنو: اي ابراهيم! هاڻي توهان حج جو اعلان ڪري ڇڏيو! ماڻهن کي پڪاريو ته اهي حج جي لاءِ اچن. حضرت ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم عرض ڪيو: اي الله پاڪ! منهنجو آواز ايستائين پهچي سگهندو. ؟ الله پاڪ ارشاد فرمايو: عَلَيْكَ الْاَذَانُ وَ عَلَيَّ الْبَلَاغُ اي ابراهيم! توهان