Shoq e Hajj

Book Name:Shoq e Hajj

تيارين ۾ مصروف هوندا *قافلا حرم ڏي وڃڻ جي لاءِ تيار هوندا * پرواز (Flights) اڏامڻ شروع ٿي چڪي آهي ۽ خوش نصيب عاشقانِ رسول فوج در فوج حرم پاڪ ۾ پهچڻ لڳا آهن *الله پاڪ اسان کي به هيءَ عظيم سعادت نصيب ڪري *اسان به احرام ٻَڌون *حرم پاڪ پهچون *ڪعبي شريف جي خوبصورت مهڪندڙ  هوائن ۾ ساھ کڻڻ جي سعادت ملي *ڪعبي شريف جا پُر نور نظارن سان اکيون ٿڌيون ڪري سگهون *ڪڏهن مُلۡتَزَم (يعني خانهءِ ڪعبه ۾ اهو حصو جيڪو ڪعبي جي دروازي ۽ حجرهءِ اسود جي وچ ۾ واقع آهي ان) کي چُمي ڏيون *ڪڏهن حجرهءِ اسود کي چميون ڏيون *ڪڏهن ميزابِ رحمت جي هيٺيان نفل پڙهڻ جي سعادت نصيب ٿئي *منٰي، عرفات، مُزدلفه ۾ وڃڻ ۽ لَبَّيْك اَللّٰھُمَّ لَبَّيْك جون صدائون بلند ڪرڻ نصيب ٿي وڃي.

یا خدا ایسے اَسباب پاؤں         کاش مکے مدینے میں جاؤں

مجھ کو اَرمان حج کا بڑا ہے         یا خدا  تجھ  سے  میری  دُعا  ہے ([1])

۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت، بانيءِ دعوت اسلامي، حضرت علامه مولانا  محمد الياس عطار قادري رضوي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ دعا ڪن ٿا:

بڑا حج پہ آنے کو جی چاہتا ہے                                                                بُلاوا اب آ ئیگا کب یا الٰہی!

مَیں مکّے میں آؤں مدینے میں آؤں                                     بنا    کوئی   ایسا   سَبب   یا   الٰہی! ([2])

الله پاڪ اسان سڀني کي حج ۽ عمرو ڪرڻ، ۽ مديني پاڪ ۾ بار بار، بار بار، بار بار با ادب حاضريءَ جي سعادت نصيب فرمائي، ڪاش...! اسان مڪي ۾ وڃون، مديني وڃون وري اچون، وري وڃون وري اچون وري وڃون، ڪاش...!


 

 



[1]... وسائلِ بخشش، صفحہ:137۔

[2]... وسائلِ بخشش، صفحہ:107۔