Book Name:Shoq e Hajj
ڪامياب ٿي ويندو آهي. ([1])
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! خبر پئي ته اڄ جيڪي حاجي حج جي سعادت حاصل ڪن ٿا، پيسا خرچ ڪن ٿا، سفر جون تڪليفون برداشت ڪن ٿا، ڪعبي جي طواف جي سعادت ماڻين ٿا، منٰي ۾، ميدانِ عرفات ۾ ترسن ٿا، مُزدلفه ۾ قيام ڪن ٿا، صفا ۽ مروه تي ڊوڙندا ۽ تڪليف برداشت ڪن ٿا، هي عملي طور تي (Practically) هن ڳالھ جو اظهار ڪري رهيا هوندا آهن ته اسان به انهن خوش نصيبن ۾ شامل آهيون، جنهن حضرت ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي سڏَ تي لَبَّيْك چيو هو.
اي عاشقانِ رسول! حج هر صاحبِ استطاعت مسلمان تي فرض آهي. الله پاڪ فرمائي ٿو:
وَ لِلّٰهِ عَلَى النَّاسِ حِجُّ الْبَیْتِ مَنِ اسْتَطَاعَ اِلَیْهِ سَبِیْلًاؕ- (سيپارو: 4، سورہ آلِ عمران: 97)
ترجمو ڪنز العرفان: ۽ الله جي لاءِ ماڻهن تي هن گهر جو حج ڪرڻ فرض آهي جيڪو ان تائين پهچڻ جي طاقت رکي ٿو.
خبر پئي جيڪو شخص ڪعبي شريف تائين پهچڻ جي طاقت رکي ٿو، ان تي حج فرض آهي. پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن استطاعت جي تفسير زَاد ۽ رَاحِلَه سان ڪئي، رَاحله جو مطلب: سواري، زَاد جو مطلب: سفر جو خرچ. علماءِ ڪرام فرمائن ٿا: جنهن وٽ ايترو مال آهي جو گهر کان هلي ڪري مڪه مڪرمه پهچي، اتان جي رهائش جا اخراجات، اُتان کان واپسيءَ جا اخراجات ۽ جيترا ڏينهن حج تي لڳندا انهن ڏينهن جو گهر وارن جو خرچ ان وٽ موجود