Shoq e Hajj

Book Name:Shoq e Hajj

روزانو 120 رحمتون نازل ٿينديون آهن

حضرت عبد الله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَـنْهُمَا روايت ڪن ٿا: الله جي رسول، رسول مقبول صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: الله پاڪ حاجين تي روزانو 120 رحمتون نازل فرمائيندو آهي، انهن مان 60 رحمتون طواف ڪرڻ وارن جي لاءِ، 40 رحمتون ڪعبي جي زيارت ڪرڻ وارن جي لاءِ آهن. ([1])

شيطان حقير ۽ ذليل ٿي ويندو آهي!

حضرتِ طلحه بن عبيد الله رَضِىَ اللهُ عَـنْهُمَا کان روايت آهي: رسولِ اڪرم، نورِ مجسّم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: شيطان سڀ کان وڌيڪ حقير سڀ کان وڌيڪ ذليل ۽ سڀ کان وڌيڪ ڪاوڙ ۾ صرف عرفه جي ڏينهن ڏٺو ويندو آهي ۽ هي ان ڪري آهي جو عرفه جي ڏينهن ميدانِ عرفات ۾ وقوف ڪرڻ وارن تي الله پاڪ جون رحمتون تمام گهڻيون وسنديون آهن ۽ الله پاڪ انهن جي وڏن وڏن گناھن کي بخشي ڇڏيندو آهي. ([2])

حاجي کان مغفرت جي دعا ڪَرايو!

هڪ حديث ۾ آهي نبي اڪرم، نورِ مجسّم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پاڻ حاجين جي لاءِ دعا ڪئي: اَللّٰهُمَّ اغْفِرْ لِلْحَاجِّ اي الله حاجين جي مغفرت فرماءِ، وَ لِمَنِ اسْتَغْفَرَ لَهُ الْحَاجُّ ۽ ان جي به بخشش فرماءِ جنهن جي لاءِ حاجي مغفرت جي دعا ڪندو آهي. ([3])

هڪ روايت ۾ آهي: الْحُجَّاجُ وَ الْعُمَّارُ، وَفْدُ اللَّهِ اِنْ دَعَوْهُ اَجَابَهُمْ، حاجي ۽ عمرو ڪرڻ وارا الله پاڪ جو وَفد آهن، جيڪڏهن هي ربّ کان دعا گهرن الله قبول فرمائيندو آهي وَ اِنِ اسْتَغْفَرُوهٗ غَفَرَ لَهُمْ ۽ جيڪڏهن هي الله پاڪ کان بخشش گهرن الله انهن کي بخشي ڇڏيندو آهي. ([4])


 

 



[1]... شُعب الایمان، باب فی المناسک ، جلد:3، صفحہ:455، حدیث:4051۔

[2]... کنز العمال، کتاب الحج، جُز:5، جلد:3، صفحہ:29، حدیث:12101۔

[3]... مستدرک،  کتاب المناسک، جلد:2، صفحہ:84، حدیث:1654۔

[4]... ابن ماجہ، کتاب المناسک، صفحہ:469، حدیث:2892۔