Book Name:Shoq e Hajj
هجي، رستو به امن وارو (Peaceful) هجي ته ان تي حج فرض ٿي ويندو آهي. ([1]) ۽ ياد رکو! حج فرض ٿي وڃڻ کان فوراً بعد حج ڪرڻ ضروري آهي، يعني بهانا ڳولهڻ ته ايندڙ سال هليو ويندُس، ڌيئرن جي شادي ڪَرائي وٺان، ان کان بعد حج جي لاءِ ويندُس، هاڻي ڪاروباري معاملا اٽڪيل آهن هي پورا ڪري وٺان پوءِ حج جي لاءِ ويندُس، هي انداز بلڪل درست ناهي.
عالم سڳورا فرمائن ٿا: جيڪڏهن ڪنهن شخص تي حج فرض ٿي ويو، پر اهو حج تي نه ويو، بهانا ڪندو رهيو، ٽاريندو رهيو، هن سال نه ايندڙ سال هليو ويندس، ان کان ايندڙ سال هليو ويندس، اڃان وڏي زندگي پئي آهي پوءِ هليو ويندس، ايئن ڪندو رهيو پوءِ ان تي غربت اچي وئي ته هاڻي به ان تي حج فرض آهي، اهڙيءَ صورت ۾ ان تي لازم آهي ته قرض کڻي ڪري حج تي وڃي، ۽ نيت ھيءَ رکي ته مان ھي قرض ادا ڪري ڇڏيندس الله پاڪ ان جي قرض (Loan) جو انتظام فرمائيندو. ([2])
اي عاشقانِ رسول! جيڪو شخص حج فرض هئڻ جي باوجود حج ناهي ڪندو، حج جي سفر جون تياريو ناهي ڪندو اهو تمام گهڻي نقصان ۾ آهي. مسلمانن جي چوٿين خليفي حضرت علي المرتضٰي شيرِ خدا رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کان روايت آهي: الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي، مڪي مدني صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: جيڪو ٻانهو زاد ۽ راحله (يعني سواري ۽ سفرِ حج جي خرچ) جو مالڪ هجي جنهن جي ذريعي هو مڪي شريف تائين پهچي سگهي، ان جي باوجود هو حج نه ڪري ته چاهي يهودي ٿي ڪري مري يا نصراني ٿي ڪري. ([3])