Book Name:Shoq e Hajj
پنهنجي قبر مان بلند آواز سان تَلبيه (یعنی لَبَّيْك اَللّٰھُمَّ لَبَّيْك) پڙهندي اٿندو* حاجيءَ کي سفر جي دوران هڪ روپيو خرچ ڪرڻ جي بدلي 10 لک رپيا خرچ ڪرڻ جو ثواب ملندو* حاجي طواف جو شرف حاصل ڪندو آهي ته ان تي 60 رحمتون وسنديو آهن* حاجي مسجدِ حرام (يعني جتي خانهءِ ڪعبه آهي، ان مسجد) ۾ نماز پڙهندو آهي ته ان کي 40 رحمتون نصيب ٿينديون آهن* حاجي مسجدِ حرام ۾ پهچي ڪري صرف ڪعبي شريف جي زيارت ڪري ته ان تي 20 رحمتون نازل ٿينديون آهن.
سُبۡحان الله! هي ڪيڏا عظيم فضائل آهن، الله پاڪ اسان کي به حج جو شوق نصيب فرمائي، ڪاش...! اسان به حج جي سعادت نصيب ڪريون، ياد رکو! حج ڪرڻ جي لاءِ پيسن جي نه بلڪه سچي تڙپ جي ضرورت آهي، ربَّ وٽ سچي طلب ۽ سچي تڙپ ڏٺي ويندي آهي، جيڪڏهن تڙپ سچي هجي، شوق سچو هجي ته الله ڪريم جون رحمتون ضرور ملنديون آهن، ضرور ڪرم جي نظر ٿيندي آهي ۽ ٻانهي کي حج جي سعادت ملي ئي ويندي آهي.
هند جو هڪ واقعو آهي. هڪ ڀيري حج جا ڏينهن هئا، 9 ذوالحج (يعني عرفات جو ڏينهن هو)، هڪ پوڙهو شخص جيڪو گاھ ڪندو هو اهو پنهنجي ٻنيءَ ۾ ڪم ڪري رهيو هو، اوچتو دل ۾ حج جو شوق جاڳيو، خيال آيو ته اڄ عرفه جو ڏهاڙو آهي، حاجي ميدانِ عرفات ۾ جمع هوندا ۽ ربّ ڪريم جي بارگاھ ۾ دعائون، التجائون ڪري رهيا هوندا، هي خيال ايندي ئي درد ڀري دل مان هڪ آھ نڪتي ۽ تمام گهڻي حسرت سان پوڙهي شخص چيو: ڪاش...! مان به حج سان مشرف ٿيو هجان ها...!!
ويجهو ئي حضرت شيخ جهانگير سَمناني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه تشريف فرما هئا، پاڻ پوڙهي شخص جي حسرت ڀريو آواز ٻڌائين ته انهن کي پاڻ وٽ گهرايائون،