Book Name:Talib e Ilm e Deen Par Karam Ho Gaya
علّامه ابنِ بطّال رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هي ايمان افروز واقعو لکڻ کان بعد فرمائن ٿا: هي تمام فضائل انهن جي لاءِ آهن جيڪي صرف ۽ صرف الله پاڪ جي رِضا جي لاءِ عِلمِ دين سکن ۽ پنهنجي عِلم تي عمل به ڪن.([1])
اچو!شيخِ طريقت، اميرِاهلسنّت، بانيءِ دعوت اسلامي، حضرت علامه مولانا ابوبلال محمد الياس عطار قادري رضوي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي زباني بارگاھِ رسالت ۾استغاثو پيش ڪيون ٿا:
گو ذلیل و خوار ہوں کر دو کرم پر سگِ دربار ہوں کر دو کرم
آہ! پلّے کچھ نہیں حُسْنِ عَمَل مفلس و نادار ہوں کر دو کرم
جذبۂ حُسْنِ عَمَل ہے اور نہ عِلْم ناقِص و بیکار ہوں کر دو کرم([2])
صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
عِلم جي شَمع سان هجي مونکي محبت يا رَبّ!
اي عاشقانِ رسول! ڏٺو توهان! خوش نصيب طالب علم کي عِلم دين جي لاءِ گهر ٻار ڇڏڻ، خوب اخلاص ۽ محنت ۽ لڳن سان طلبِ علمِ دين ۾ مصروف رهڻ جون ڪهڙيو برڪتون نصيب ٿيون، الله پاڪ اسان کي نيڪ ماڻهن تي رشڪ ڪرڻ نصيب فرمائي! ٿورو تَصَوُّر ته ڪيو! هي نوجوان ڪهڙو خوش بخت هو، ان علمِ دين سکڻ جي خاطر پنهنجا گهر ٻار ڇڏيا، ماءُ پيءُ ۽ عزيز رشتيدارن سان جدائي اختيار ڪئي، شام ملڪ کان مديني پاڪ حاضر ٿيو، علمِ دين سکندي سکندي ان کي موت آيو ته انعام ڇا مليو، وقت جا وڏا وڏا عالِم ان جي جنازي ۾ شريڪ ٿيا، وقت جي امامن ان کي لحد ۾ لاٿو، ڪرم مٿان ڪرم اهو ٿيو جو الله پاڪ ان کي جنّت ۾ بلند درجات عطا فرمايا، ان کي