Talib e Ilm e Deen Par Karam Ho Gaya

Book Name:Talib e Ilm e Deen Par Karam Ho Gaya

علماءِ ڪِرام جي درجي ۾  مقام عطا فرمايو. سُبْحٰن اللہ! الله پاڪ اسان کي به عِلمِ دين سکڻ نصيب فرمائي.

زِندگی ہو مری پروانے کی صُورت یارَبّ!          عِلْم کی شمع سے ہو مجھ کو محبت یارَبّ!

اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

علماءِ ڪِرام جا درجات بلند ڪيا ويندا آهن

سيپارو 28، سُوْرَۃُ الْمُجَادَلَۃ، آيت: 11 ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

یَرْفَعِ اللّٰهُ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا مِنْكُمْۙ-وَ الَّذِیْنَ اُوْتُوا الْعِلْمَ دَرَجٰتٍؕ-

ترجمو ڪنزالعرفان: الله توهان مان ايمان وارن جا ۽ انهن جا درجا بلند فرمائيندو آهي  جن کي علم ڏنو ويو.

صحابيءِ رسول، سلطانُ الۡمُفَسرين، حضرت عبد الله بن عبّاس رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ هن آيت جي تفسير ۾ فرمائن ٿا: عُلَماءِ ڪِرام عام مؤمنين کان 700 درجا بلند هوندا ۽ انهن جي هر 2 درجن جي درميان 500 سال جي مسافت (يعني دوري) هوندي. ([1])

”عِلم“ دِين جو قُطۡب آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! غور ته فرمايو! عِلمِ دين جو ڪهڙو ته شان بلند آهي جو عُلَماء کي قيامت جي ڏينهن عام ماڻهن کان تمام بلند درجات ملندا.

حجّةُ الاسلام امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: عِلم ڪاميابيءَ جو بنياد ۽ دين جو قُطب آهي.

عِلم زندگي ۽ جهالت موت آهي

اعلٰي حضرت جا والد حضرت مولانا نقي عي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: دنيا ۽ آخرت ۾ ڪو ڪمال عِلمِ دين جي بغير حاصل نٿو ٿي سگهي ۽ ايستائين جو عِلمِ


 

 



[1]...قوت القلوب، جلد:1، صفحہ:241۔