Talib e Ilm e Deen Par Karam Ho Gaya

Book Name:Talib e Ilm e Deen Par Karam Ho Gaya

پئي آهي ته توهان رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي هڪ حديث بيان فرمائيندا آهيو، مان اها حديثِ پاڪ سکڻ جي لاءِ مديني پاڪ کان آيو آهيان. حضرت ابو درداء رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ فرمايو: ڇا توهان تجارت جي لاءِ نه آيا آهيو؟ عرض ڪيائين: نه. فرمايائون: تجارت کان علاوه (دمشق ۾) توهان جو ڪو ٻيو ڪم هجي، جنهن جي لاءِ توهان آيا هجو؟ عرض ڪيائين: نه (مان ته صرف حديثِ رسول سکڻ جي لاءِ ايترو پري کان حاضر ٿيو آهيان، هن کان علاوه منهنجو ڪو ٻيو مقصد ناهي). ان تي حضرت ابو درداء رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جن طالب علمِ دين جا فضائل بيان ڪندي فرمايو:*مون الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي فرمائيندي ٻڌو: جيڪو علم (دين) سکڻ جي لاءِ رستي تي هلي، الله پاڪ ان جي لاءِ جنّت جو رستو آسان فرمائي ڇڏيندو آهي*بيشڪ فرشتا طالب علم (دين) سان خوش ٿي ڪري، ان جي لاءِ پنهنجا پَرَ وڇائيندا آهن* بيشڪ زمين ۽ آسمان جي مخلوقات، ايستائين جو پاڻيءَ ۾ مڇيون به طالب علم (دين) جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪنديون آهن*بيشڪ عالِم جي فضيلت عبادت گذار تي اهڙي آهي جهڙي چوڏهين رات جي چنڊ جي فضيلت تارن تي بيشڪ عُلَماء انبياء جا وارث آهن، بيشڪ انبياءِ ڪرام ورثي ۾ دِرۡهم و دينار (يعني مال ۽ دولت) ناهن ڇڏيندا، انبياءِ ڪرام ته ورثي ۾ صرف عِلم ڇڏيندا آهن، بس جنهن علم (دين) حاصل ڪيو، ان وڏو حصّو حاصل ڪري ورتو.([1])

علمِ دين کان وڌيڪ ڪا عظمت ناهي

سُبْحٰن اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! طالب علمِ دين جو ڪيڏو بلند شان آهي، طالب علم دين جي لاءِ جنّت جو رستو آسان ڪيو ويندو آهي، طالب علمِ دين جي لاءِ فرشتا پنهنجا پَرَ وڇائيندا آهن، طالب علمِ دين جي لاءِ زمين ۽ آسمان جي مخلوق، فرشتا، وڻَ، پٿرَ، چوپايا، پکي، ايستائين جو مڇيون به


 

 



[1]...ابن ماجہ، مقدمہ، باب فضل العلم، صفحہ:49، حدیث:223۔