Book Name:Talib e Ilm e Deen Par Karam Ho Gaya
مغفرت جي دعا ڪنديون آهن ۽ اَهم ترين فَضيلت هي آهي ته عُلَماءِ دين انبياءِ ڪرام عَلَيهِمُ السَّلَام جا وارث آهن حجّةُ الاسلام امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: جهڙيءَ طرح نُبوت کان وڌيڪ ڪو مرتبو ناهي، اهڙيءَ طرح نبوت جي وراثت (يعني عِلمِ دين) کان وڌيڪ ڪا عظمت ناهي.([1])
(5): عُلما جي فضيلت اهڙي آهي جيئن...!!
ترمذي شريف ۾ حديث پاڪ آهي، حَضرت ابو اُمامه باهَلي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: سرورِ عالَم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پاڪ بارگاھ ۾ هڪ عبادت گذار ۽ هڪ عالم جو ذڪر ڪيو ويو ان تي ٻنهي جهانن جي تاجدار، مڪي مدني سردار صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو؛ فَضْلُ العَالِمِ عَلَى العَابِدِ كَفَضْلِي عَلَى اَدْنَاكُم يعني عالِم جي فضيلت عبادت گذار تي اهڙي آهي جهڙي منهنجي فضيلت گهٽ مرتبي واري امّتيءَ تي.[2]
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هي علماءِ ڪرام جي بي مثال فضيلت آهي، ٿورو غور فرمايو! اسان جي آقا ۽ موليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ جي فضيلت ايتري بلند آهي، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ نبين جا تاجدار آهن، امام الانبياء آهن، الله پاڪ کان بعد سڀ کان بلند رُتبو ۽ مقام جنهن هستي کي مليو اها مبارڪ هستي منهنجا ۽ اوهان ها آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهن، ايترو بلند رتبي وارا رسول، رسول مقبول صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمائي رهيا آهن ته عالمِ(دين) جي فضلت عبادت گذار تي ائين ئي آهي جيئن منهنجي فضيلت گهٽ درجي واري امتي تي آهي.
هاڻي اسان کي غور ڪرڻو آهي، سڀني کان گهٽ مرتبي وارو امّتي ڪير آهي؟ ۽ اسان جي آقا و مولا مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ان تي فضيلت ڪيتري آهي؟ يقيناً هن جو اندازو ته نٿو لڳائي سگهجي، البت عُلماءِ ڪرام ان