Book Name:Talib e Ilm e Deen Par Karam Ho Gaya
پهچايو ويو، الله پاڪ ملائڪن کي حڪم ڏنو: منهنجي انبياءِ ڪرامعَلَيهِم السَّلَام جي وارثن جا درجات بلند ڪيو! بيشڪ مون پنهنجي ذمّهءِ ڪرم تي لازم ڪيو آهي ته جيڪو به عالمِ دين هجي يا طالب علمِ دين هجي، انهن سڀني کي هڪ ئي درجي ۾ رکيو ويندو. ان خوش نصيب طالبِ عِلم چيو: مان به طالب عِلمِ دين هئس: بس الله پاڪ مون کي بلند درجات عطا فرمايا، ايتري قدر جو منهنجي ۽ رسولِ اڪرم نورِ مجسّم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي درميان صِرف ٻن درجن جو فاصلو رهجي ويو، هڪ درجو اهو جتي سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻين انبياءِ ڪرام عَلَيهِم السَّلَام سان گڏ تشريف فرما آهن ۽ ٻيو درجو اهو جتي صحابهءِ ڪِرام رَضِىَ اللهُ عَـنْهُم ۽ پهرين نبين تي ايمان آڻڻ وارا موجود آهن، انهن ٻن درجن کان بعد جيڪو درجو آهي اهو عُلماءِ ڪِرام ۽ طلباءِ عِلمِ دين جي لاءِ آهي. طالبِ علمِ دين الله پاڪ جي عنايتن جو وڌيڪ ذڪر ڪندي چيو: مان جڏهن عُلَماءِ ڪِرام واري درجي ۾ پهتُس ته اتي موجود عُلَماءِ ڪِرام منهنجو تمام بهترين طريقي سان استقبال ڪيو، پوءِ الله پاڪ اسان کي خوشخبري ڏيندي فرمايو: اي عُلَماء جي جماعت...! هيءَ منهنجي جنّت آهي، هي مون توهان کي عطا ڪئي، هيءَ منهنجي رِضا آهي، بيشڪ مان توهان سان راضي ٿيس، مان توهان کي عطا فرمائيندس، جنهن جي توهان خواهش ڪندؤ ۽ جنهن جنهن جي توهان شفاعت ڪندؤ، مان توهان شفاعت قبول فرمائيندس.
یاخُدا میری مغفرت فرما باغِ فردوس مَرْحَمَت فرما
تُو گُنَاہوں کو کر معاف اللہ میری مقبول معذرت فرما
مصطفےٰ کا وسیلہ توبہ پر تُو عنایت مُدَاوَمَت فرما
موت ایماں پہ دے مدینے میں اور محمود عاقِبت فرما
سرفراز اور سُرخرُو مولیٰ مجھ کو تُو روزِ آخرت فرما([1])