Book Name:Talib e Ilm e Deen Par Karam Ho Gaya
دعا ڪنديون آهن.([1]) پيارا اسلامي ڀائرو! علمِ دين سکڻ جون ڪهڙيون عظيم برڪتون آهن جو طالبِ علمِ دين پنهنجي ڪمن ۾ مصروف هوندو آهي، علم سکندو آهي، ديني ڪتاب پڙهندو آهي، قرآني آيتون ۽ حديثون ياد ڪري رهيو هوندو آهي ۽ دنيا جي هر شيءِ ايستائين جو سمنڊ جون مڇيون به ان جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪري رهيون هونديون آهن. هيءَ ڪيڏي خوش بختي آهي...!! سُبْحٰن اللہ!
اي عاشقانِ رسول! هاڻي اسان جيڪا حديث پاڪ ٻڌي، ان ۾ فرمايو ويو ته علم حاصل ڪرڻ هر مسلمان تي فرض آهي. هن حديث پاڪ ۾ ڪهڙو علم مراد آهي؟ هن جي وضاحت ڪندي شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ فرمائن ٿا: هن حديث پاڪ مان مراد اسڪول ڪاليج جي رائج ٿيل دنيوي تعليم ناهي (بلڪه) ضروري ديني علم مراد آهي. لهٰذا * سڀ کان پهريان اسلامي عقائد جو سکڻ فرض آهي * ان کان پوءِ نماز جا فرائض ۽ شرائط ۽ مُفۡسدات (يعني نماز ڪهڙيءَ طرح درست ٿيندي آهي ۽ ڪهڙيءَ طرح ٽُٽي ويندي آهي، ان جو سکڻ )* پوءِ رَمَضانُ الۡمُبارڪ اچڻ وارو هجي ته جنهن تي روزا فرض هجن ان جي لاءِ روزن جا ضروري مسائل * جنهن تي زڪوات فرض هجي ان جي لاءِ زڪوات جا ضروري مسئلا اهڙي طرح حج فرض هئڻ جي صورت ۾ حج جا * نڪاح ڪرڻ چاهي ته نڪاح جا * تاجر کي تجارت جا * خريدار کي خريداريءَ جا * نوڪري ڪرڻ واري ۽ نوڪر رکڻ واري کي اجاري جا * مطلب ته هر مسلمان عاقل ۽ بالغ مرد ۽ عورت تي ان جي موجوده حالت جي مطابق مسئلا سکڻ فرضِ عَين آهي. * اهڙي طرح هر هڪ جي لاءِ حلال ۽ حرام جا مسئلا به سکڻ فرض آهن * مسائلِ قلب (باطِني مسائل) يعني باطني فرائض