Book Name:Talib e Ilm e Deen Par Karam Ho Gaya
پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: مرحبا! علمِ دين جي طالب کي ڀليڪار...! ملائڪ طالبِ علم دين سان خوش ٿي ڪري انهن کي پنهنجي پَرن سان ڍڪي وٺندا آهن، هڪ ملائڪ ان تي پنهنجي پرن سان ڇانوَ ڪندو آهي، ٻيو ملائڪ پهرين جي پرن جي مٿان پنهنجي پَرن سان ڇانوَ ڪندو آهي، ايئن ڪندي ڪندي آسمان تائين ملائڪ هڪٻئي جي پرن جي مٿان پنهنجا پَرَ وڇائيندا آهن. طالب علم دين جي هي فضيلت بيان ڪرڻ کان بعد سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدارصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: ڇا سکڻ آيو آهين؟ حضرت صَفۡوان رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ عرض ڪيو: يا رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ مان مڪي شريف کان لڳاتار سفر ڪندي توهان جي بارگاھ ۾ جورابن تي مسح جي متعلق مسئلو پڇڻ حاضر ٿيو آهيان. ([1])
سُبْحٰن اللہ! سُبْحٰن اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! ڏسو! علمِ دين سان ڪهڙي محبت آهي! صرف هڪ مسئلو پڇڻ جي لاءِ ايڏو پري کان سفر ڪندي حاضر ٿيا. ۽ اسان جي پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خوشي جو اندازو به ڏسو! پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ڪهڙي پياري انداز ۾ طالبِ علمِ دين جو استقبال فرمايو ۽ انهن کي علمِ دين جي طلب جا فضائل ٻڌايائين.
(11): عِلمِ دين جي برڪت سان قبر روشن ٿيندي آهي
حضرت ڪعبُ الاَحۡبار رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: الله پاڪ پنهنجي نبي حضرت موسٰي عَلَيهِ َالسَّلَام ڏي وحي فرمائي: (اي موسٰي!) ڀلائيءَ جون ڳالهيون سکو ۽ ماڻهن کي سيکاريو! بيشڪ مان علمِ (دين) سيکارڻ وارن ۽ سکڻ وارن جون قبرون روشن فرمائيندُس، انهن کي قبر ۾ بلڪل به وحشت نه ٿيندي. ([2])
اي عاشقانِ رسول! غور فرمايو! علم دين جا ڪهڙا ڪهڙا فضائل آهن پر