Book Name:Talib e Ilm e Deen Par Karam Ho Gaya
خشڪيءَ جا جانور، سڀ مغفرت جي دعا ڪندا آهن * عِلم دل جي زندگي آهي * عِلم اونداهيءَ ۾ اکين جو نور آهي * عِلم جي ذريعي ٻانهو وليَن سڳورن جي منزل کي حاصل ڪري وٺندو آهي * عِلم عَمل جو امام آهي * عَمَل عِلم جي تابِع آهي * خوش نصيبن جي دل ۾ عِلم وِڌو ويندو آهي * جڏهن ته بدبختن کي عِلم کان محروم ڪيو ويندو آهي.([1])
(8): عُلماء جي لاءِ رزق جو غيبي انتظام
اسان جا آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جيڪو ٻانهو دين جي ڄاڻ حاصل ڪندو آهي، الله پاڪ ان جي غمن ۽ پريشانن کي ڪافي ٿي ويندو آهي ۽ ان کي اهڙي جڳھ تان رزق عطا فرمائيندو آهي، جتان ان جو گمان به ناهي هوندو. ([2])
سُبۡحانَ الله! اي عاشقانِ رسول! اسان کي گهرجي ته همت ڪيون، نفس سُستي ڏياريندو آهي، شيطان وسوسا وجهندو آهي، هي ٻئي اسان جا دشمن آهن، انهن جي هڪ نه ٻڌو، پنهنجي پياري آقا، مديني واري مصطفٰي، ٻنهي جهانن جي داتا صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ فرمان تي ڌيان ڏيو، علمِ دين سکڻ ۾ مصروف ٿي وڃو، پريشانيون اينديون، مشڪلاتون اينديون، قربانيون به ڏيڻيون پونديون آهن پر ڪا ڳالھ ناهي اِنْ شَآءَ اللّٰہُ الْکَرِیْم! الله پاڪ انهن غمن ۽ پريشانن کان ڇوٽڪارو عطا فرمائيندو ۽ رزق جو پڻ اهڙيءَ جڳھ تان انتظام فرمائيندو، جتان اسان جو وهم و گمان به نه هوندو.
وقت جي حاڪم دين جي طالبن سان معذرت ڪئي
حضرت ابو الحسن فقيه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: اسان مشهور محّدث حضرت حسن بن سفيان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ رهندا هئاسين، هڪ ڀيري پاڻ فرمايائون: جڏهن