Book Name:Talib e Ilm e Deen Par Karam Ho Gaya
مثال طور عاجزي ۽ اخلاص ۽ تَوڪُّل وغيره ۽ انهن کي حاصل ڪرڻ جو طريقو * اهڙي طرح باطني گناھ مثال طورتڪبّر، رياڪاري، حسد، بدگماني، بُغض ۽ ڪينو، وغيره ۽ انهن جو علاج سکڻ به هر مسلمان تي فرض آهي * اهڙي طرح مُهلِڪات يعني هلاڪت ۾ وجهڻ واريون شيون جيئن وعده خلافي، ڪوڙ، غيبت، چغلي، بهتان، بدنگاهي، ڌوڪو، مسلمانن کي ايذائڻ وغيره وغيره تمام صغيره و ڪبيره گناهن جي باري ۾ ضَروري اَحڪام سکڻ به فرض آهي تان جو هنن کان بچي سگهجي.[1]
خدایا ہم اسلامی اَحکام سیکھیں بچائیں جو دوزخ سے وہ کام سیکھیں
دنياوي عِلم سکڻ جا شرط
پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ ڪلھ دُنياوي عُلوم سکڻ جو رجحان تمام وڌي ويو آهي، کوڙ مسلمان پنهنجي دنياوي مستقبل کي سنوارڻ جي خاطر دنياوي عُلوم سکندا ۽ ان جي لاءِ تمام گهڻي محنت ۾ مشقت برداشت ڪندا آهن. بيشڪ دنياوي علم سکڻ جا دنياوي طور فائدا پڻ آهن ۽ دنياوي علم سکڻ کي مطلقاً ناجائز به نٿو چئي سگهجي، البت دنياوي علم سکڻ جي لاءِ ڪجھ شرائط آهن، انهن کي پورو ڪرڻ ضروري آهي. سيّدي اعلٰي حضرت، امام اهلسنّت شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: اهي عُلوم جن ۾ ڪفريات جي تعليم هجي، انهن جو پڙهڻ حرام آهي * ها! جائز عُلوم (جن ۾ اسلامي عقائد و تعليمات جي خلاف ڳالهيون نه هجن، اهي عُلوم) جائز نوڪرين جي لاءِ پڙهڻ جائز آهي * جڏهن ته انهن ۾ اهڙو مشغول نه ٿئي جو ضروري علم نه سکي سگهي، نه ته اهو دنياوي عِلم جيڪو فرض علمِ دين سکڻ کان روڪي، حرام آهي * ان سان گڏوگڏ هي به ضروري آهي ته پنهنجي دين ۽ اخلاق تي اثر نه پئجي * اسلامي عقائد و خيالات تي ثابت قدم ۽ مسلماني طور طريقي تي