Talib e Ilm e Deen Par Karam Ho Gaya

Book Name:Talib e Ilm e Deen Par Karam Ho Gaya

قائم رهي، هي سڀ شرائط پاتا وڃن ته جائز رزق حاصل ڪرڻ جي لاءِ جائز دُنياوِي عِلم سکڻ ۾ حرج ناهي([1]) هڪ ٻئي مقام تي فرمائن ٿا: هر شخص جنهن حالت ۾ آهي، ان جي متعلق شرعي احڪامن سان واقف هجي، هي فرضِ عَين آهي، جيستائين هي علم حاصل نه ڪري وٺي جغرافيه، تاريخ وغيره (دنياوي عُلوم) سکڻ ۾ وقت ضايع ڪرڻ ناجائز آهي.([2]) لهٰذا جيڪي دنياوي علم سکندا آهن، انهن تي لازم آهي ته پهريان ضروري ديني علم سکن، صرف اهي ئي عُلومَ پڙهن جيڪي قرآن ۽ حديث ۽ اسلامي تعليمات جي مخالف نه هجن، جن عُلومن ۾ دين جي خلاف ڳالهيون هجن، اهي علومَ هرگز نه پڙهو ۽ ان سان گڏوگڏ دنياوي علم پڙهندي به اسلامي اخلاق ۽ اسلامي حُلِيو (مثال طور ڏاڙهي وغيره) برقرار رکو. انهن شرائطن سان جائز دُنياوي علم سکڻ جائز آهي.

خدایا   ہم    اسلامی   اَحکام  سیکھیں                      بچائیں جو دوزخ سے وہ کام سیکھیں

(3): الله پاڪ جنهن سان ڀلائيءَ جو ارادو فرمائيندو آهي

الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: مَنْ یُرِدِ اللہُ بِہٖ خَیْراً یُّفَقِّہْہُ فِی الدِّیْن الله پاڪ جنهن سان ڀلائيءَ جو ارادو فرمائيندو آهي، ان کي دين جي سمجھ عطا فرمائندو آهي. ([3])

(4): عُلَما انبياء جا وارث آهن

حضرت ڪَثير بن قيس رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: مان دمشق جي جامع مسجد ۾ صحابيءِ رسول حضرت ابو درداء رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جي خدمت ۾ حاضر هئس، ان وقت پاڻ وٽ هڪ شخص آيو، ان عرض ڪيو: اي ابو درداء رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ! مونکي خبر


 

 



[1]...فتاویٰ رضویہ، جلد:23، صفحہ:709و708۔

[2]...فتاویٰ رضویہ، جلد:23، صفحہ:647۔

[3]...بخاری، کتاب العلم، باب من یرد اللہ، صفحہ:92، حدیث:71۔