Talib e Ilm e Deen Par Karam Ho Gaya

Book Name:Talib e Ilm e Deen Par Karam Ho Gaya

رڪجي وڃي ته ان جو گناهن کان بچي رهڻ تمام ڏکيو ٿي ويندو آهي، تنهنڪري اسان کي گهرجي ته علمِ دين حاصل ڪيون، هن ۾ ڪنهن قسم جي سُستي نه ڪيون.

الله پاڪ اسان سڀني کي علمِ دين سان محبت و اُلفت نصيب فرمائي.

اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

دعوتِ اسلامي ۽ علمِ دين جو فُروغ

الحمد لله! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي عِلمِ دين جو نور سڄي دنيا ۾ پکيڙڻ ۾ مصروفِ عمل آهي.

دعوتِ اسلامي جي تحت ملڪ و بيرونِ ملڪ ۾ هزارين جامعاتُ المدينه هلي رهيا آهن، جتي اسلامي ڀائرن ۽ اسلامي ڀينرن کي الگ الگ ڪيمپس ۾ درسِ نظامي (يعني عالِم و عالِمه ڪورس) ڪرايو ويندو آهي. الحمد لله جامعةُ المدينه ۾ عِلمِ تفسير و اصولِ تفسير، علمِ حديث و اُصولِ حديث، علمِ فقه، علمِ ڪلام، مختلف لغت جا عُلومَ مثال طور علمِ نَحۡو، علمِ صرف، علمِ بيان، عِلمِ بديع، عِلمِ معاني وغيره تقريباً 15 عُلوم و فنون سيکاريا ويندا آهن، هاڻي ته الله پاڪ جي جي فضل ۽ ان جي پياري حبيب صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نظرِ عنايت سان دعوتِ اسلامي جو پنهنجو تعليمي بورڊ ڪنزالمدارِس به ٺهي چڪو آهي، جامعةُ المدينه ۾ امتحان ڪنزالمدارس بورڊ جي تحت ئي ڏياريا ويندا آهن ۽ M.A اسلاميات جي ڊگري پڻ ڏني ويندي آهي. جامعةُ المدينه ۾ داخلائون جاري آهن، جامعةُ المدينه ۾ داخلا وٺو! پنهنجي ٻارن کي، ڇوڪرين کي داخل ڪرايو! پنهنجي رشتيدارن ۽ دوستن احبابن جو ذهن بڻايو، انهن کي به جامعةُ المدينه ۾ داخل ڪرايو! علمِ دين سکو ۽ دين جي خدمت ۾ مصروف ٿي وڃو! الله پاڪ اسان سڀني کي عالِمِ باعمل ٿي ڪري ٻين کي بڻائڻ جي توفيق عطا فرمائي.                    آمین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّیْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم