Book Name:Talib e Ilm e Deen Par Karam Ho Gaya
هٿ ۾ هڪ نيزو آهي، ان نيزي جي چهنب منهنجي ويجهو رکي ڇڏي ۽ چيائين: اٿي حسن بن سفيان ۽ انهن جي ساٿين جي مدد ڪر! اهي علمِ دين جي راھ جا مسافِر آهن، 3 ڏينهن ۽ 3 راتين کان بکايل آهن، تنهنجي شهر جي فلاڻي مسجد ۾ ترسيل آهن. حاڪم چئي ٿو: مون ان گهوڙي سوار کان پڇيو: توهان ڪير آهيو؟ چيائين: الله پاڪ جو هڪ ملائڪ آهيان ۽ توکي علمِ دين جي طالبن جي هن حالت سان خبروار ڪرڻ آيو آهيان، هاڻي دير نه ڪر! جلد ئي انهن جي خدمت جو انتظام ڪر! ايترو چوڻ کان پوءِ اهو گهوڙي سوار منهنجي نظرن کان غائب ٿي ويو. ([1])
سُبحان الله! پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو توهان! علمِ دين جي طالبن جي لاءِ غيب مان ڪهڙا انتظامات ٿيا. لهٰذا غربت ۽ مُفلسي ۽ مال ۽ دولت جي گهٽتائي کان نه گهٻرايو! همّت ڪيو ۽ علمِ دين سکڻ ۾ مصروف ٿي وڃو. اِن شاء اللهُ الڪريم! الله پاڪ مددگار ٿيندو.
(9): پنجون نه ٿجو
حضرت عبد الرحمٰن بن ابي بَڪۡره رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کان روايت آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشميصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: عالِم بڻجو يا طالِبِ علم، علم ٻڌڻ وارا بڻجو يا علمِ دين سان محبت ڪرڻ وارا بڻجو، پنجون نه بڻجو، نه ته هلاڪ ٿي ويندؤ. ([2])
(10): جورابن تي مسح جو مسئلو پڇڻ جي لاءِ سَفَر
حضرت ابن حُبَيش رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: قبيلا مراد جي هڪ صحابي حضرت صَفۡوان بن عَسّال رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ بارگاھ رسالت ۾ حاضر ٿئي عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! توهان جي بارگاھ ۾ علمِ دين سکڻ جي لاءِ حاضر ٿيو آهيان.