Talib e Ilm e Deen Par Karam Ho Gaya

Book Name:Talib e Ilm e Deen Par Karam Ho Gaya

افسوس! اسان جي غفلت...! نفس سُستي ڏياريندو آهي، محنت ۽ مشقت سان پري ڀڄندو آهي، شيطان وسوسا وجهندو آهي، ڪڏهن عزّت ۽ شهرت جي طلب ۾ لڳائيندو آهي، ڪڏهن مال ۽ دولت جي حِرص ۾ مبتلا ڪندو آهي، دل ۾ وسوسا ايندا آهن ته جيڪڏهن علمِ دين سکڻ ۾ لڳي ويس ته ڪمائيندس ڪيئن، کائيندس ڪٿان؟ ايڏو وڏو بزنس آهي، وقت ڪيئن ڪڍندس، دڪان نٿو ڇڏي سگهان، نوڪريءَ مان وقت ناهي ملندو، ان کان علاوه ٻيا به طرح طرح جا وسوسا ڏياري ڪري شيطان خبيث اسان کي علمِ دين جي دولت کان محروم ڪري ڇڏيندو آهي.

شيطان طالبِ علم دين جو سڀ کان وڏو دشمن

مڪتبةُ الۡمدينه جو ڪتاب ملفوظاتِ اعلٰي حضرت ۾ آهي: بعد نمازِ عصر شياطين سمنڊ تي گڏ ٿيندا آهن، ابليس جو تخت لڳندو آهي، شياطين جي ڪارڪردگي پيش ٿيندي آهي، ڪو چوندو آهي:  هن هيترا شراب پيارا، ڪو چوندو آهي، هِن هيتريون بدڪاريون ڪرايون (شيطان) سڀني جي ٻڌي. ڪنهن چيو: مون اڄ فلان طالبِ علمِ (دين) کي پڙهڻ کان روڪيو. (شيطان اِهو) ٻڌندي ئي تخت تان اٿيو ۽ ان کي سيني سان لاتائين ۽ چيائين: اَنْتَ اَنْتَ (يعني) تو (زبردست) ڪم ڪيو. باقي شيطانَ هيءَ ڪيفيت ڏسي سڙي ويا جو انهن هيڏا وڏا وڏا ڪم ڪيا، انهن کي ڪجھ نه چيائين ۽ هن (شيطان جي چيلي) کي (طالبِ علم دين کي صرف هڪ موڪل ڪرائڻ تي) ايتري شاباس ڏنائين! ابليس چيو: توهان کي ناهي خبر جيڪو ڪجھ توهان ڪيو آهي، سڀ هِن ئيءَ (علمِ دين پڙهڻ کان روڪڻ واري) جو صدقو آهي. جيڪڏهن (ديني) علم هجي ها ته اهي ماڻهو گناھ نه ڪن ها.([1])

پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو شيطان جو سڀ کان وڏو هدف مسلمانن کي علمِ دين کان روڪڻ آهي جو جيڪڏهن مسلمان علمِ دين سکڻ کان


 

 



[1]... ملفوظاتِ اعلیٰ حضرت، صفحہ:356۔