Book Name:Talib e Ilm e Deen Par Karam Ho Gaya
صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
طالب علمِ دين تي ڪرم ٿي ويو...(ايمان تازو ڪندڙواقعو)
حضرت يحيٰ بن يحيٰ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه مديني جي مفتي، حضرت مالڪ بن انس رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جا شاگرد آهن، فرمائن ٿا: پهرين ڏينهن جڏهن مان حضرت امام مالِڪ بن انس رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ پڙهڻ جي لاءِ حاضر ٿيس، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه مون کان نالو پڇيائون، پوءِ فرمايائون: الله! الله! اي يحيٰ! عِلمِ دين سکڻ ۾ خوب ڪوشش ڪيو...! اوهان جي ترغيب جي لاءِ مان اوهان کي هڪ واقعو ٻڌايان ٿو. هڪ ڀيري شام جي ملڪ مان توهان جي ئي عمر جو هڪ نوجوان مديني پاڪ ۾ عِلمِ دين سکڻ جي لاءِ آيو، اهو اسان سان گڏ پڙهندو هو، طالبِ علميءَ جي دوران ئي ان کي موت اچي ويو، مون ان نوجوان جي جنازي جهڙو ڪنهن جو جنازو نه ڏٺو، مديني پاڪ جو ڪو عالِم، ڪو طالِبِ عِلم اهڙو نه هو جيڪو ان جي جنازي ۾ نه آيو هجي ان وقت جا تمام وڏا عالِمِ دين حضرت ربيعه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ان جي نمازِ جنازه پڙهائي، پوءِ حضرت ربيعه، حضرت زيد بن اسلم، حضرت يحيٰ بن سعيد ۽ حضرت ابنِ شهاب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهم (يعني ان وقت جي وڏن وڏن عالِمَ سڳورن) ان کي قبر ۾ لاٿو. ان خوش نصيب طالِب علم جي وفات جي ٽئي ڏينهن هڪ شخص ان کي خواب ۾ ڏٺو، ڇا ٿو ڏسي: هڪ خوبصورت نوجوان آهي ان کي اڇو لباس پهريل آهي، سبز عمامو مٿي تي سجايل آهي ۽ هڪ خوبصورت گهوڙي تي سوار آسمان تان لهي رهيو آهي، خواب ڏسڻ واري ان جو هي مقام ۽ مرتبو ڏسي ڪري حيرانيءَ مان پڇيو: اي نوجوان! تون هن مقام تي ڪيئن پهتين؟ نوجوان چيو: مونکي منهنجي علمِ دين هتي پهچايو آهي، علمِ جو هر اهو باب جيڪو مون سکيو هو، الله پاڪ هر باب جي بدلي مون کي جنّت ۾ هڪ درجو عطا فرمايو، بس علمِ دين جي برڪت سان مونکي درجات ملندا ويا، توڙي جو مان طالبِ علم هئس پر الله پاڪ جي فضل ۽ ڪرم سان عُلما جي درجي تائين