Book Name:Talib e Ilm e Deen Par Karam Ho Gaya
دين جي بغير ايمان به ناقص رهندو آهي. انهيءَ ڪري عالم سڳورا فرمائن ٿا: اَلْعِلْمُ بَابُ اللہِ الْاَقْرَب علم الله پاڪ جي بارگاھ تائين پهچڻ جو سڀ کان ويجهو دروازو آهي وَالْجَہْلُ اَعْظَمُ حِجَاب بَیْنَکَ وَ بَیْنَ اللہ ۽ جهالت توهان جي ۽ الله پاڪ جي درميان سڀ کان وڏو حجاب (يعني پردو) آهي. مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وڌيڪ فرمائن ٿا: علم زندگي ۽ جهالت موت آهي. ([1]) الله پاڪ اسان سڀني کي علمِ دين جو شوق نصيب فرمائي. اچو! علمِ دين جي فضائلن تي ڪجھ مبارڪ حديثون ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪيون ٿا:
حضرت حڪيم بن حِزام رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کان روايت آهي: رسولِ اڪرم، نورِ مجسّم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: بيشڪ توهان اهڙي زماني ۾ آهيو جنهن ۾ عالم وڌيڪ ۽ خطبا (يعني هٿراڌو قصّا ڪهاڻيون ٻڌائڻ وارا) ٿورا آهن، ڏيڻ وارا وڌيڪ ۽ گهرڻ وارا گهٽ آهن، هن زماني ۾ عَمل عِلم کان بهتر آهي. تمام جلد ماڻهن تي هڪ اهڙو زمانو ايندو جڏهن عالم گهٽ ۽ خطيب(يعني هٿرادو ٺاهيل قصّا ڪهاڻيون ٻڌائڻ وارا) وڌيڪ هوندا، ڏيڻ وارا گهٽ ۽ گهرڻ وارا وڌيڪ هوندا، ان زماني ۾ علم سکڻ عمل ڪرڻ کان افضل هوندو.([2])
(2): عِلمِ دين سکڻ هر مسلمان تي فرض آهي
صحابيءِ رسول حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کان روايت آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: طَلَبُ الْعِلْمِ فَرِیْضَةٌ عَلیٰ کُلِّ مُسْلِمٍ وَ اِنَّ طَالِبَ الْعِلْمِ یَستَغْفِرُ لَہٗ کُلُّ شَیْءٍ حَتَّی الْحِیْتَانُ فِی الْبَحْرِ عِلمِ دين سکڻ هر مسلمان تي فرض آهي ۽ طالبِ علمِ (دين) جي لاءِ ھر چيز ايستائين جو سمنڊ ۾ مڇيون به مغفرت جي