Book Name:Talib e Ilm e Deen Par Karam Ho Gaya
الله پاڪ اسان سڀني کي باعمل عالمِ دين بڻجڻ جي توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
حضرت اُمامه باهلي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کان روايت آهي، رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جيڪو علمِ (دين) ۽ عبادت ڪندي جوان ٿيو ۽ وڏو ٿي ڪري به انهيءَ حالت ۾ رهيو، ته الله پاڪ قيامت جي ڏينهن ان کي 72 صدّيقن جو ثواب عطا فرمائيندو.([1])
(7): علمِ دين سکڻ ڇو ضروري آهي؟
حضرت معاذ بن جبل رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کان روايت آهي، رسولِ اڪرم، نورِ مجسمصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: علم حاصل ڪيو! ڇو ته * الله پاڪ جي رضا جي لاءِ علم سکڻ خوفِ خدا آهي * علم جي ڳولا عبادت آهي * علم جو تڪرار ڪرڻ (يعني سبق ياد ڪرڻ جي لاءِ باربار پڙهڻ) تسبِيح آهي * جاهل کي علم سيکارڻ صدقو آهي * عِلم کي ان جي اهل تي خرچ ڪرڻ نيڪي آهي * عِلم حلال و حرام جي سڃاڻپ جو ذريعو آهي * عِلم جنّت وارن جي رستي جو نشان آهي * عِلم راحت جو سبب آهي * عِلم سفر جو ساٿي آهي * عِلم اڪيلائيءَ جو ساٿي آهي * عِلم تنگدستي و خوشحالي ۾ رهنما آهي * عِلم دشمنن جي مقابلي ۾ هٿيار آهي * عِلم دوستن جي ويجهو زينت آهي * الله پاڪ عِلم جي ذريعي قومُن کي بلندي عطا فرمائيندو آهي * الله پاڪ عِلم جي ذريعي قومُن کي امام بڻائي ڇڏيندو آهي، پوءِ انهن جي پيروي ڪئي ويندي آهي * عُلماء جي صلاح کي حرفِ آخر سمجهو ويندو آهي * ملائڪ عُلماء جي دوستي ۾ رغبت ڪندا آهن * عُلما جي لاءِ هر خشڪ و تَر، ايستائين جو سمنڊ جون مڇيون ۽