Book Name:Talib e Ilm e Deen Par Karam Ho Gaya
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هفتيوار مدني مذاڪرو
اي عاشقانِ رسول! علمِ دين سکڻ جو هڪ آسان ترين ذريعو مدني مذاڪرو پڻ آهي. الحمد لله! شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت حضرتِ علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطّار قادري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ هر ڇنڇر جو رات عشاء نماز کان بعد مدني چينل تي براه راست (Live) مدني مذاڪرو فرمائيندا يعني سڄي دنيا مان عاشقانِ رسول جي پڇيل سوالن جا عِلم و حڪمت سان ڀرپور جوابات ارشاد فرمائيندا آهن. هفتيوار مدني مذاڪرو ذيلي حلقن جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم آهي. دنيا ۽ آخرت جون ڀلايون حاصل ڪرڻ، اولياءِ ڪرام جو فيضان حاصل ڪرڻ، دل ۾ عشقِ رسول وڌائڻ، علمِ دين جي نور سان زينت ڏيڻ ۽ نيڪ نمازي بڻجڻ جي لاءِ مدني مذاڪري ۾ شرڪت ڪيو ۽ کوڙ نيڪيون ڪمايو! اچو! ترغيب جي لاءِ مدني مذاڪري جي هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا؛
تحصيل تَله گنگ (ضلع چڪوال، صوبه پنجاب، پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو چوڻ آهي: پهريان مان معاشري جو تمام بگڙيل انسان هئس. سگريٽ، چرس، شراب جيڪو ملندو هو ان طرف هٿ وڌائيندو هئس، هڪ ڀيري مون تي ڪرم ٿي ويو ۽ مان رمضانُ المبارڪ جا روزا رکڻ شروع ڪري ڏنا، روزانو رات جو مدني چينل تي مدني مذاڪرو ڏسڻ به نصيب ٿي ويو، اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جون حڪمت ڀري ڳالهين منهنجي دل تي اهڙو اثر ڪيو جو زندگي ۾ انقلاب اچي ويو، الحمد لله! مون گناهن کان سچي توبھ ڪري ورتي ۽ چهري کي ڏاڙهي شريف سان سجائي ورتو، پنج وقت نماز مسجد ۾ جماعت سان ادا ڪرڻ لڳس، مونکي نمازون پڙهندي ڏسي ڪري منهنجي 12 سالن جي پٽ 10 سالن جي ڌيءُ به نمازون پڙهڻ شروع ڪري ڏني. پٽ ته باجماعت نماز جي ادائيگي جي لاءِ مون سان گڏ مسجد هلندو آهي. ([1])