Book Name:Siddique akbar ki zihanat

ڪيترا ذهين ۽ عقل مند هئا۔ اسان کي به عقل مندي سان ڪم وٺڻ گھرجي۔

”عقل مند مؤمن“ جون چار فضيلتون

(1):حضرت وَهب بِن مُنَبَّه رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: الله پاڪ ڪيئي انبياءِ ڪرام عليهمُ السَّلَام جي طرف وحي فرمائي: شيطان سَؤ جاهلن کي ورغلائي ڇڏيندو آهي، انهن جي ڪلهن تي سوار ٿي جيڏانهن چاهي وٺي ويندو آهي پر هڪ عقل مند مسلمان کي ورغلائڻ شيطان جي لاءِ سخت مشڪل آهي۔ (2): وڌيڪ فرمائن ٿا: جبل کي ان جي جڳھ تان هٽائڻ، جبل کي ذرا ذرا ڪرڻ شيطان جي لاءِ سولو آهي پر عقل مند مؤمن کي ورغلائڻ ان جي لاءِ گھڻو مشڪل آهي۔ شيطان عقل مند مسلمان وٽ ايندو آهي، هزار حيلن بهانن سان ان کي ورغلائيندو آهي، نيڪ راھ تان هٽائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي پر ڪامياب ناهي ٿيندو، آخر ٿڪجي چوندو آهي: هاءِ خرابي! مون کي ڇا ٿيو؟ مان ان کي ورغلائڻ جي طاقت ئي نٿو رکان! (3): بُزُرگ فرمائن ٿا: ٻه شخص هڪ جهڙو عمل ڪن، مثال طور ٻئي نماز پڙھن، ٻئي صدقو ڏين، ٻئي نيڪي جي دعوت عام ڪن، ٻئي تِلاوَت ڪن، انهن مان هڪ وڌيڪ عقل مند هجي ته ٻنهي جي عملن ۾ اولھ اوڀر جيترو فرق هوندو آهي۔ (اَخْبَارُ الْاَذْکِیَاء، باب اَوَّل، صفحہ:33) (4): مديني جي تاجدار، حبيبِ پروردگار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: حڪمت (يعني عقل مندي ۽ دانائي) عزت دار جي عزت ۾ اضافو ڪندي آهي ۽ غُلام کي بادشاهن جي درجي تائين پهچائي ڇڏيندي آهي۔ (کَنْزُ العمال، کِتَابُ العلم، باب اَوَّل، حصّہ:10، جلد:5، صفحہ:63، حدیث:28738) 

 

پيارا اسلامي ڀائرو! عقل مندي، ذهانت، حڪمت و دانائي الله پاڪ جي عطا آهي۔ الله جنهن کي چاهي، جيترو چاهي اها نعمت ڏيندو آهي۔ البت مختلف سبب اختيار ڪري اسان پنهنجي عقل، ذهانت، حڪمت ۽ دانائي ۾ اِضَافو به ڪري سگھون ٿا۔

حڪمت ۽ دانائي حاصِل ڪرڻ جا چار طريقا

(1): عقل وڌائڻ جو پهريون طريقو: گُنَاھ ڇڏي ڏيو ۽ نيڪ ڪم ڪريو! سڀ کان