Book Name:Siddique akbar ki zihanat

صورتِ حال ۾ صحابه ڪرام عليهم الرِّضْوَان اَمِيرُ المُؤمِنِين حضرت صديقِ اَڪبَر رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي خدمت ۾ عرض ڪيو: حُضُور! ماڻهو اسلام کان ڦري رهيا آهن، اهڙي صُورت ۾ اُسامه جي لشڪر کي جنگ جي لاءِ موڪلڻ مناسب ناهي، مدينه منوره ۾ مجاهدن جي گھڻي ضرورت آهي۔ اَمِيرُ المُؤمِنِين حضرت صديق اَڪبَر رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمايو: جيڪڏهن دَرِندا ابو بڪر کي پيرن سان پڪڙي گِهلي کڻي وڃن، تڏهن به مان رسول خدا، اَحْمد مجتبيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي موڪليل لشڪر کي هر گز نه روڪيندس۔ پوءِ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه لشڪرِ اُسامه کي روم ڏانهن روانو ڪيو۔ اها سندن ڪمال ذهانت هئي، جنگي پاليسي جي اعتبار کان اعليٰ عقلمندي هئي۔ ان جو نتيجو اهو نڪتو جو اهو لشڪر جتان کان لنگھندو هو اتان جا ماڻهو سوچندا هئا: اسان ته مسلمانن کي ڪمزور سمجھي رهيا هئاسين، جيڪڏهن اهڙي حالت ۾ به انهن جو لشڪر سرحد تي وڙهڻ جي لاءِ وڃي رهيو آهي ته يقيناً مدينه منوره ۾ ان کان به وڏو لشڪر موجود هوندو! پوءِ جڏهن حضرت اُسامه بِن زيد رَضِىَ اللهُ عَنۡه رُومي لشڪر کي شڪست ڏئي، جنگ کٽي واپس موٽيا ته اِسلام کان ڦرڻ وارا ڪيئي ماڻهو ڊڄي ويا، انهن جي دِل ۾ اسلام جي هيبت ويهي وئي ۽ اهي پنهنجي اِرتِداد کان توبه ڪري سچي دِل سان مسلمان ٿي ويا۔ (کَنْز العمال،باب اَوَّل، فی خِلَافَۃِ الخلفاء، حصَّہ:3، جلد:5، صفحہ:241، حدیث:14062) 

اها اَمِيرُ المُؤمِنِين حضرت صديق اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي عقلمدي هئي، پاڻ سمجھي ويا ته لشڪر کي روڪڻ پنهنجي ڪمزوري جو اعلان ڪرڻ واري ڳالھ آهي، لشڪر کي لازمي موڪليو وڃي ته جيئن ماڻهن کي خبر پئجي وڃي ته مسلمان ڪالھ به طاقتور هئا، مسلمان اڄ به طاقتور آهن، مسلمانن جي جان، مسلمانن جي آن، شان، رحمت عالميان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ دُنيا کان پردو فرمائي ويا آهن پر سندن رَحمت ڀريو دامن هاڻي به مسلمانن تي ڇانو ڪيو بيٺو آهي۔

زڪوٰة جو انڪار ڪندڙن خلاف جهاد

چوٿون اهم مسئلو جيڪو حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي پيش آيو اهو زڪوٰة جو انڪار ڪندڙن جو هو۔ رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ