Book Name:Siddique akbar ki zihanat

ننڍپڻ ئي کان مؤمن ها۔ اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: ٻه صحابه، هڪ حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنۡه، ٻيو مولاءِ ڪائنات مولا علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه، اهي ٻئي عالَم اَرواح ۾ جڏهن تمام روحن الله پاڪ جي رَبّ هئڻ جو اِقرار ڪيو هو، ان وقت کان وٺي دُنيا ۾ پيدا ٿيڻ تائين، دُنيا ۾ پيدا ٿيڻ کان وٺي جواني تائين، جواني کان وٺي نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اعلانِ نبوت فرمائڻ تائين، نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اعلانِ نبوت کان وفات تائين، وفات کان هميشه هميشه تائين مسلمان ها، مسلمان آهن ڪڏهن، ڪنهن وقت، ڪنهن حال ۾ هڪ لمحي جي لاءِ به انهن ٻنهي جي پاڪ، طَيب دامنن کي ڪفر وشرڪ جي ناپاڪي نه ڪڏهن لڳي، نه قيامت تائين لڳندي۔ (فتاوی رضویہ، جلد:28، صفحہ:458 ملخصاً) 

صديقِ اڪبر جو ايمان سڀ کان اَفضَل آهي

هڪ ڏينهن مڪي مدني مصطفيٰ، مُحَمَّد رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي ايمان جو درجو بيان ڪندي فرمايو: جيڪڏهن هڪ پلڙي ۾ ابو بڪر جو ايمان رکيو وڃي، ٻي پلڙي ۾ منهنجي سڄي اُمت جو ايمان رکيو وڃي، لَرَجَحَ بِهمْ ابو بڪر جو ايمان سڄي اُمّت جي ايمان کان وڌي ويندو۔ (شُعَبُ الْاِیْمان، باب فِی زِیَادَۃِ الْاِیْمان وَنُقْصَانِہٖ، جلد:1، صفحہ:69، حدیث:36)

هڪ حديث شريف ۾ فرمايائون: ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي فضيلت ان ڪري ناهي جو اهي گھڻيون نمازون پڙھن ٿا، ان ڪري به ناهي ته اهي گھڻا روزا رکن ٿا، وَلٰکنْ بِشَيءٍ وُقِّرَ فِي قَلْبِهٖ بلڪه ان جي اها فضيلت اُن شيء جي ڪري آهي جيڪا ان جي دِل ۾ رکي وئي آهي۔ (بَحْرُ الفوائِد، باب فِی الْخُلَّةِ، صفحہ:442، حدیث:462) 

امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: اهو هڪ راز هو جيڪو حضرت صديق اَڪبَر رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي دِل ۾ رکيو ويو هو، ان راز کي ڪو به نٿو ڄاڻي سگھي۔ (اِحْیَاءُ الْعُلُوم، کتاب العلم، جلد:1، صفحہ:39) صُوفي سڳورا فرمائن ٿا: انهيء راز جي بدولت حضرت صديقِ اَڪبَر رَضِىَ اللهُ عَنۡه سان اهڙيون اهڙيون برڪتون ظاهر ٿيون، جيڪي ڪنهن ٻي صحابي رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان ظاهر نه ٿيون۔ (سَبْع سَنَابِل مترجم، صفحہ:62) مثال طور