Siddique akbar ki zihanat

Book Name:Siddique akbar ki zihanat

ٿي وئي۔ ان جي ڪرڻ جو آواز ٻُڌي حضرت ابو قحافه ڀڄندو آيو، پنهنجي باطِل خدا جو حال بي حال ڏٺو ته ڪاوڙ وچان حضرت ابو بڪر رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي هڪ ٿف هنئي ۽ ٻانهن مان پڪڙي گھر وٺي آيو، سندن امڙ کي چيائين: ڏس! اڄ تنهنجي لال هيءُ ڪارنامو ڪيو آهي۔ سندن والده محترمه سڄو واقعو ٻڌي چيو: منهنجي پٽ کي ڇڏي ڏيو! ان جو ڪو قصور ناهي، جڏهن هي پيدا ٿيو هو ته غيب مان آواز آيو هو: يا اَمَة الله عَلَي التَّحْقِيقِ اي الله پاڪ جي سچي ٻانهي، اِبْشِرِي بِالْوَلَدِ الْعَتِيقِ آزاد پٽ مبارڪ هجي! اِسْمُه  ِفي السَّمَاءِ الصِّدِّيق آسمان ۾ هن جو نالو صديق آهي، وَلِمُحَمَّدٍ صَاحِبٌ وَّرَفِيق ۽ هي مُحَمَّد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو دوست آهي۔

یقینا مَنْبَعِ خوفِ  خدا صدیقِ اکبر ہیں        حقیقی عاشق خَیْرُ الوَریٰ صدیقِ اکبر ہیں

جو یارِ غار محبوبِ خدا صدیقِ اکبر ہیں       وہی یارِ مزارِ مصطفےٰ صدیقِ اکبر ہیں

امِيرُ المُؤمِنِين حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنۡه پاڻ اها حڪايت نور جي پيڪر، نبين جي تاجوَر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي موجودگي ۾، صحابه ڪرام عليهم الرِّضْوَان جي سامهون ٻُڌائي، جڏهن ٻڌائي مڪمل ڪئي ته حضرت جبريل امين عَلَيه السَّلام حاضِر ٿي ٽي ڀيرا چيو: صَدَقَ اَبُو بَکرٍ ابو بڪر سچ چيو۔ صَدَقَ اَبُو بَکرٍ ابو بڪر سچ چيو۔ صَدَقَ اَبُو بَکرٍ ابو بڪر سچ چيو۔ (اِرْشادُ السَّاری، کتاب مناقب انصار، باب اسلام ابو بکر صدیق، جلد:7، صفحہ:63)

پيارا اسلامي ڀائرو! هن حڪايت کي سامهون رکي اندازو لڳايو! الله پاڪ امير المؤمنين حضرت صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي ڪيتري ذهانت ۽ عقل مندي سان نوازيو هو، چئن سالن جي عمر ڪيتري عمر هوندي آهي...! عام طور هن عمر جي ٻارن کي چڱي طرح سان ماني کائڻ نه ايندي آهي، ڪيئي ٻار ته هن عمر ۾ به فِيڊر پيئڻ جا عادِي هوندا آهن، چئن سالن جي ٻار وٽ پنهنجي ذاتي ڪا سوچ ناهي هوندي، اهو پنهنجي آس پاس جي ماحول کي ڏسندو آهي، جيڪو ڏسندو آهي ان کي ذهن ۾ ويهاريندو آهي ۽ جيڪو ذهن ۾ ويهندو آهي