Book Name:Siddique akbar ki zihanat

چُمي فرمايو: لَوْ لَا اَنْتَ لَهَلَکۡنا اي ابو بڪر! اوهان نه هجو ها ته اسان هلاڪ ٿي وڃون ها۔

(رِیَاضُ النَّضَرَۃ، صفحہ:127، حدیث:296 -297) 

خليفو مقرر ڪرڻ ۾ ذهانت

اَمِيرُ المُؤمِنِين حضرت صديقِ اَڪبَر رَضِىَ اللهُ عَنۡه آخري فيصلو جيڪو ڪيو اهو پاڻ کان پوءِ خليفو مقرر ڪرڻ جو فيصله هو۔ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي زندگي جون آخري گھڙيون هيون، صحابه ڪرام عليهم الرِّضْوَان جي موجودگي ۾ پاڻ حضرت عثمانِ غنيرَضِىَ اللهُ عَنۡه کي فرمايائون: لکو! ”هاڻي جڏهن ابو بڪر دُنيا مان وڃي رهيو آهي ۽ آخرت جي پهرين منزل جي ويجھو آهي، اهو ابو بڪر جو آخري فيصلو آهي۔ مان توهان تي عمر بن خطاب (رَضِىَ اللهُ عَنۡه) کي خليفو بڻايان ٿو۔ ان جي ڳالھ ٻُڌو! ۽ ان جي پيروي ڪيو! جيڪڏهن اهي عدل وانصاف ڪن ته مان ان کي ايئن ئي سڃاڻان ٿو۔ جيڪڏهن ڦري وڃن ۽ عدل وانصاف نه ڪن ته هر شخص جي لاءِ اهو ئي آهي جيڪو اهو ڪمائيندو۔ (کَنْز العمال، باب اَوَّل، خِلَافَۃُ الخلفاء، حصَّہ:5، جلد:3، صفحہ:269، حدیث:14171) 

حضرت عبد الله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: دُنيا ۾ ٽي ماڻهو نهايت ذهين ۽ عقلمند گذريا آهن، انهن مان هڪ اَمِيرُ المُؤمِنِين حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنۡه آهن، پاڻ پنهنجي ذهانت ۽ عقلمندي سان حضرت عمر فاروق رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي خليفو بڻايائون۔ (تفسیر طَبَری، پارہ:12، سورۂیوسف، تحت الآیۃ:21، جلد:7، صفحہ:173، حدیث:18959)

سندن هن مُبَارَڪ فيصلي جو نتيجو سڄي دُنيا ڏٺو، سڀني کي خبر آهي، ڪافِر به مڃن ٿا ته حضرت عمر فاروق رَضِىَ اللهُ عَنۡه جهڙو خليفو ان کان پوءِ ڪونه ٿيو، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه الله جي عطا سان، محبوب مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي فيض سان سڄي دُنيا ۾ اسلام جو نالو روشن ڪيو، اسلام کي تمام دينن تي غالب ڪيو، مسلمانن کي ترقي جي بلندين تائين پهچايو، وڏن وڏن سُپر پاورن کي شڪست ڏني، ڪافِرن کي منهن ڀر ڪيرايو ۽ سڄي دُنيا ۾ ڪلمهءِ حق جي ڌوم مچائي ڇڏي۔

اي عاشقانِ رسول! ڏٺو اوهان! اَمِيرُ المُؤمِنِين حضرت صديق اَڪبَر رَضِىَ اللهُ عَنۡه