Siddique akbar ki zihanat

Book Name:Siddique akbar ki zihanat

وڌيڪ عقل مند آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: اِبنَ آدَم! اَطِعْ رَبَّک تُسَمّٰي عَاقَلاً اي انسان! الله پاڪ جي اطاعت ڪر! تو کي عقل مند سڏيو ويندو۔ وَ لَا تُعْصِ رَبَّک فَتُسَمّٰي جَاهلاً الله جي نافرماني نه ڪر! نه ته توهان جو نالو ”جاهل“ رکيو ويندو۔ (مَطَالب العَالِیَہ، باب فضلِ الوَرْعَ والتقویٰ، جلد:13، صفحہ:719، حدیث:3308) الله جي حبيب، دِلين جي طبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت ابو درداء رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي فرمايو: اي عُوَيمَر (عُوَيمَر حضرت ابودرداء رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو نالو آهي، ته فرمايائون: اي عُوَيمَر)! پنهنجي عقل وڌايو! توهان کي الله جو گھڻو قرب ملندو۔ عرض ڪيائين: حُضُور! مان عقل ڪيئن وڌايان؟ فرمايائون: الله کي ناراض ڪرڻ وارن ڪمن کان بچو! جيڪو ان توهان تي فرض ڪيو ان کي اَدا ڪريو! عقل مند ٿي ويندؤ۔ پوءِ نفلي نيڪيون ڪيو! توهان جي عقل ۾ اِضافو ٿي ويندو، توهان الله جي قريب ٿيندا ويندؤ ۽ دُنيا ۾ توهان کي غلبو ۽ عزت حاصِل ٿيندي۔

(نَوَادِرُ الْاُصُول، جلد:2، صفحہ:63) 

(2): عقل وڌائڻ جو ٻيو طريقو: خود پسندي، خود راءِ کان بچو۔ مان گھڻو سٺو آهيان، منهنجي راءِ سڀ کان اعليٰ آهي، منهنجو مشورو ڪامِل ۽ اڪمل آهي، مون کان سٺو ته ڪو سوچي ئي نٿو سگھي، اهڙو ذهن نه بڻايو! عاجزي ڪريو! حضرت لقمان حڪيم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي پٽ کي نصيحت ڪئي، فرمايو: پُٽ! انسان جو عقل ڪامِل ناهي ٿيندو جيستائين ان ۾ 10 عادتون نه اچي وڃن، پوءِ ڏھ عادتون بيان ڪندي فرمايائون: سڀ کان اعليٰ عادَت اها آهي ته انسان تمام دُنيا وارن کي پاڻ کان سٺو ۽ پاڻ کي سڀ کان بُرو سمجھي۔ (اَخْبَارُ الاَذْکِیَاء، باب رابع، صفحہ:41) الله جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: هر انسان وٽ حڪمت ۽ دانائي هوندي آهي ۽ ان جي اها حڪمت هڪ ملائڪ جي هٿ ۾ آهي، جڏهن ٻانهو عاجزي ڪندو آهي، ملائڪ کي حڪم ٿيندو آهي: ان جي حڪمت وڌائي ڇڏيو! جڏهن ٻانهو تڪبر ڪندو آهي ته حڪم ٿيندو آهي: ان جي حڪمت گھٽ ڪري ڇڏيو!( مَجْمَعُ الزَّوائِد، کتابُ الْاَدَب، بابُ التَّواضُع، جلد:8، صفحہ:102، حدیث:13096)