Book Name:Siddique akbar ki zihanat

مَسنَدِ خِلافت تي رونق اَفروز رهي 22 جُمادَی الاُخرٰي 13 هه تي وفات ڪئي. پاڻ سبز سبز گنبد ۾ پنهنجي يار غار، رسولن جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پهلو مبارڪ ۾ آرام فرما آهن۔ (اِکْمَال، صفحہ:12، تاریخ الْخُلَفاء، صفحہ:18-19) 

ننڍپڻ جي ذهانت

پيارا اسلامي ڀائرو! اَمِيرُ المُؤمِنِين حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنۡه ننڍپڻ ئي کان نهايت ذهين ۽ عقل مند هئا۔ سندن عمر مُبَارَڪ چار 4 سالن جي هئي، نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اڃان نبوت جو اعلان نه ڪيو هو، دُنيا ۾ ڪفر و شرڪ عام هو، صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو والِد ابو قحافه رَضِىَ اللهُ عَنۡه جيڪو ان وقت تائين ڪفر جي دلدل ۾ ڦاٿل هو، هڪ ڏينهن سندن والد حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي پنهنجي عبادت خاني وٺي ويو ۽ پٿر جي ٺهيل ڪوڙن خدائن اڳيان بيهاري چيو: پُٽ! هيءُ تنهنجا بلند وبالا خُدا آهن، انهن کي سجدو ڪر! (اَسْتَغْفِرُ الله! اَسْتَغْفِرُ الله!) اهو چئي حضرت ابو قحافه هڪ پاسي هليا ويا ۽ ڪنهن ٻي ڪم ۾ مَصروف ٿي ويا۔ هاڻي صِرف صديقِ اَڪبَر رَضِىَ اللهُ عَنۡه ۽ سامهون پٿر جون مورتيون هيون، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه ٿورو اڳتي وڌي، هڪ مورتي جي ويجھو وڃي چيو: اِنِّي جَائِعٌ فَاَطْعِمْنِي مان بکايل آهيان، مون کي کاڌو کارايو! اهي بي جان پٿر هئا، نه انهن کي ڳالهائڻ آيو ٿي، نه ئي ڳالهائي سگهيا. ايتري ۾ صديقِ اَڪبَر رَضِىَ اللهُ عَنۡه ٻيو سُوال ڪيو: اِنِّي عَارٍ فَاکسِنِي مون وٽ ڪپڙا نه آهن، مون کي ڪپڙا ڏيو! پٿر ڇا ڳالهائي؟ هاڻي حضرت صديق اَڪبَر رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي جلال آيو، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه  هڪ پٿر کڻي چيو: مان پٿر هڻان ٿو، جيڪر خدا آهيو ته پاڻ کي بچائي ڏيکاريو!

الله اَڪبَر! چار سالن جو ٻار! ان جي بازو ۾ ڪيتري طاقت هوندي؟ ڪيتري زور سان پٿر هڻي سگھندو؟ پر حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي بازو جي طاقت ڏسو! پاڻ مورتي کي پٿر هنيو، فَخَرَّ لِوَجْههٖ اها مورتي سندن بازو جي طاقت کي برداشت نه ڪري سگهي ۽ منهن ڀر زمين تي ڪري ٽڪر ٽڪر