Book Name:Siddique akbar ki zihanat

 

شڪر ڪرڻ جو طريقو: * حضرت ابو بڪر شبلي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: نعمت کي ڏسڻ بدران. نعمت ڏيڻ واري تي نظر رکڻ شڪر آهي۔ (اِحْیَاءُ العلوم، کتابُ الصَبْر والشکر، جلد:4، صفحہ:103، خلاصۃً) مثال طور اوهان کي سيلري ملي، اها به نعمت آهي، امتحان ۾ پاس ٿيا، پٽ يا ڌيء جي ولادت ٿي، نماز جي توفيق ملي، روزو رکڻ جي سعادت ملي، صدقو ڏنو وغيره ڪا به نعمت ملي ته هاڻي ان نعمت تي نگاھ نه رکو بلڪ سوچيو: الله اها نعمت عطا ڪئي، نعمت جي نسبت پنهنجي طرف نه، الله پاڪ ڏانهن ڪريو۔ * امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: نعمت سان نيڪي جو ارادو ڪرڻ دِل جو شڪر آهي۔ زبان سان الله پاڪ جي حمد وثنا ڪرڻ زبان جو شڪر آهي۔ الله ڪريم جي ڏنل نعمت کي عِبَادت ۾ خرچ ڪرڻ، ان کي گُنَاھ ۾ استعمال ٿيڻ کان بچائڻ باقِي عضوئن جو شڪر آهي۔ (اِحْیَاءُ العلوم، کتابُ الصَبْر والشکر، جلد:4، صفحہ:103، خلاصۃً)

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري

اِجتِماع ۾ پڙهيا ويندڙ 6 درود شريف ۽ 2 دعائون

(1) جمعه جي رات جو دُرُود

اَللّٰھُمَّ صَلِّ وَسَلِّمْ وَبَارِكْ عَلٰی سَیِّدِنَا مُحَمَّدٍ النَّبِیِّ الْاُمِّیِّ الْحَبِیْبِ الْعَالِی الْقَدْرِ الْعَظِیْمِ الْجَاہِ وَ عَلٰی اٰلِہٖ وَ صَحْبِہٖ وَ سَلِّمْ

 بزرگن فرمايو ته جيڪو شخص هر جمعرات (جمعه ۽ خميس جي وچين رات) هن دُرُود شريف کي پابندي سان گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڀيرو پڙهندو موت جي وقت سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت ڪندو ۽ قبر ۾ داخل ٿيڻ وقت به ايستائين هو ڏسندو ته سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي پنهنجي هٿن سان قبر ۾ داخل ڪري رهيا آهن. ([1])


 

 



[1]   افضل الصلوات علی سید السادات، الصلاۃ السادسۃ والخمسون، ص151ملخصًا