Book Name:Siddique akbar ki zihanat

جي آيت:144 تلاوت ڪئي:

وَ  مَا  مُحَمَّدٌ  اِلَّا  رَسُوْلٌۚ-قَدْ  خَلَتْ  مِنْ  قَبْلِهِ  الرُّسُلُؕ-اَفَاۡىٕنْ  مَّاتَ  اَوْ  قُتِلَ  انْقَلَبْتُمْ  عَلٰۤى  اَعْقَابِكُمْؕ-

ترجمو: ۽ محمد ته هڪ رسول آهي ان کان اڳ رسول گذري چڪا آهن ڇا جيڪڏهن اهو انتقال فرمائي يا شهيد ٿي وڃي ته اوهان پوئين پير ڦري ويندا.

صحابه فرمائن ٿا: صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنۡه اها آيت تِلاوت ڪئي، اسان کي ايئن لڳو جيئن انهي آيت جي اسان کي خبر ئي نه هئي، آيت ٻُڌندي ئي تمام صحابه ان کي دُهرائڻ لڳا۔ حضرت عمر فاروق رَضِىَ اللهُ عَنۡه اها آيت ٻُڌي ته پاڻ بيهوش ٿي زمين تي تشريف وٺي آيا ۽ جوش جي ڪيفيت جيڪا پاڻ تي طاري هئي، اها لهڻ شروع ٿي وئي ۽ سندن کي يقين ٿي ويو ته واقعي رسولِ خدا، احمد مجتبيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ دُنيا مان پردو فرمائي چڪا آهن۔ (بخاری، کتابُ المغازی، بابُ مَرَضِ النَّبِیِّ وَوَفَاتِهٖ، صفحہ:1104، حدیث:4454) 

مير عبد الواحد بلگرامي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تمام وڏا بزرگ ٿي گذريا آهن۔ اعلي حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان جي تمام گھڻي تعريف ڪندا هئا، اهي فرمائن ٿا: اهڙي نازُڪ وقت ۾ اُمّت کي سنڀالڻ، ڪافِرن جا منصوبا تباھ و برباد ڪرڻ، اُمّت کي ڪرڻ کان بچائي وٺڻ اهو سڀ انهيء راز جو ڪرشمو هو جيڪو اَمِيرُ المُؤمِنِين حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي سيني ۾ رکيو ويو هو۔ (سَبَعْ سَنَابِل مترجم، صفحہ:65، ملخصاً) 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                     صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

اُمّت جا مسئلا حل ڪندڙ

صِدِّيقه بنتِ صِدِّيق، اُمّ المؤمنين حضرت عائشه صديقه طيبه، طاهره رَضِی الله عَنْهَا فرمائن ٿيون: رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جڏهن وِصَال فرمايو، ان وقت جيترو غم