Book Name:Siddique akbar ki zihanat

نصيب ٿي ويو، مبارڪ هجي۔ (رِیَاضُ النَضْرَہ، حصّہ اوَّل، صفحہ:178، حدیث:475) 

اي عاشقانِ رسول! اندازو ڪريو! حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي محبت ڪيتري بابرڪت آهي! هن محبت جي برڪت سان هڪ يهودي کي ڪلمو نصيب ٿيو۔ اسان کي به گھرجي ته اَمِيرُ المُؤمِنِين حضرت صديقِ اَڪبَر رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي محبت کي دِل ۾ وڌايون، اها محبت ايماني محبت آهي ۽ هر مسلمان جي لاءِ ضروري آهي۔ جانِ ايمان، نبين جي سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايائون؛ حُبُّ اَبِي بَکرٍ وَشُکرُه وَاجِبٌ عَلٰي اُمَّتِي يعني ابو بڪر سان محبت ڪرڻ، ان جو شڪريو ادا ڪرڻ منهنجي اُمت تي واجب آهي۔ (کنزالعُمَّال، کتابُ الفضائل، باب ذکر صحابہ، حصّہ:11،جلد:6، صفحہ:252، حدیث:32590) 

پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت صديقِ اَڪبَر رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي محبت دِل ۾ وڌايو! سندن سيرت پڙھو، سندن ڪردار کي پنهنجي زِندگي جو حصو بڻايو۔ * صديقِ اڪبر جي مَحبَّت برڪت واري آهي * صديقِ اڪبر جي محبت الله پاڪ کي راضِي ڪرڻ جو ذريعو آهي * صديقِ اڪبر جي مَحبَّت رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو قُرب ڏياريندي آهي * صديقِ اڪبر جي محبت ايمان کي پختو ڪندي آهي * صديقِ اڪبر جي محبت عشق رسول ۾ اِضَافو ڪندي آهي * صديقِ اڪبر سان مَحبَّت ڪرڻ ملائڪن جو طريقو آهي * صديقِ اڪبر سان مَحبَّت ڪرڻ صحابه جو طريقو آهي * صديقِ اڪبر سان مَحبَّت ڪرڻ اولياء جو طريقو آهي * صديقِ اڪبر سان مَحبَّت ڪرڻ عالمن جو طريقو آهي * صديقِ اڪبر جي مَحبَّت نيڪين تي اُڀاريندي آهي * صديقِ اڪبر جي مَحبَّت گُنَاهن کان بچائيندي آهي *صديقِ اڪبر جي مَحبَّت جهنّم کان بچائيندي آهي * صديقِ اڪبر جي مَحبَّت جنّت ۾ پهچائيندي آهي رَضِىَ اللهُ عَنۡه۔

جنتِ عَدن ۾ ڪير داخِل ٿيندو؟

حضرت عبد الله بن عمررَضِىَ اللهُ عَنۡه کان روايت آهي، آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جنهن رات ابو بڪر جي وِلادت ٿي هئي، ان رات الله