Book Name:Siddique akbar ki zihanat

منهنجي والد حضرت صديق اَڪبَر رَضِىَ اللهُ عَنۡه تي لٿو، ڪنهن جبل تي لهي ها ته جبل به ذرا ذرا ٿي وڃي ها پر منهنجو والد ثابت قدم رهيو، هن حال ۾ به صحابه ڪرام عليهم الرِّضْوَان کي جيڪا مشڪل پيش آئي، جنهن نڪتي تي اهي اٽڪيا، منهنجي والد محترم پنهنجي ڪمال ذهانت سان ان کي حل ڪيو۔ مثال طور (1): پهريون مسئلو جيڪو صحابه ڪرام عليهم الرِّضْوَان کي درپيش آيو، اهو هي هو ته محبوب، مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مزار ڪٿي بڻائي وڃي؟ حضرت صديقِ اَڪبَر رَضِىَ اللهُ عَنۡه ان جو حَل عطا ڪيو، فرمايائون: مون الله جي رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي فرمائيندي ٻڌو: الله جو نبي جتي وفات ماڻي، انهيء هنڌ سندن مزار بڻائي ويندي آهي۔ ان ڪري حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو وصال عائشه صديقه رَضِي الله عنها جي ڪمري ۾ ٿيو آهي، لهٰذا مزار مُبَارَڪ به اتي ئي بڻائي ويندي۔ (2): رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي وِراثت جي معاملي ۾ مشڪل پيش آئي، حضرت صديق اَڪبَر رَضِىَ اللهُ عَنۡه پنهنجي حافظي سان ان جو به حل ٻڌايو، فرمايائون: مون آخري نبي، رسولِ هاشِمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي فرمائيندي ٻڌو: بيشڪ اسان جماعتِ انبياء جي ميراث ناهي هوندي، اسان جيڪو ڇڏيون اهو صدقو آهي۔ (کَنْزُ العمال، کتابُ الفضائِل، باب فضائلِ صحابہ، حصّہ:6، جلد:12، صفحہ:220، حدیث:35595) 

صديقِ اَڪبَر رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو پهريون جنگي فيصلو

حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي خليفي ٿيندي ئي وڏو مسئلو جيڪو پيش آيو، اهو حضرت اُسامه بن زيد رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي لشڪر جي روانگي جو مسئلو هو، آخري نبي، مُحَمَّد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حياتِ ظاهري ۾ آخري جنگي فيصلو اهو فرمايو ته حضرت اُسامه بن زيد رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي 700 مجاهدن جو لشڪر ڏئي ملڪ رُوم سان جنگ جي لاءِ موڪليو هو، اهو لشڪر اڃان رستي ئي ۾ هو ته نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي وِصَالِ ظاهري جي خبر ملي، تنهنڪري لشڪر واپس موٽي آيو۔ حضور اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي وِصَال کان پوءِ اهي قبيلا جن جي دل ۾ ايمان پڪو نه هو يا جيڪي پهريان کان منافق ها ۽ پنهنجو نفاق لڪائي رکيو هو، انهن اِرتِداد جي راھ اختيار ڪندي ايمان کان ڦري ويا، اهڙي نازُڪ