Siddique akbar ki zihanat

Book Name:Siddique akbar ki zihanat

جي دُنيا کان پردو فرمائڻ کان پوءِ ڪجھ قبيلن زڪوٰة جي فرضيت کان انڪار ڪندي چيو: زڪوٰة صِرف سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زِندگي مُبَارَڪ ۾ فرض هئي، هاڻي زڪوٰة ڏيڻ ضروري ناهي، انهن زڪوٰة کي ٽيڪس شُمار ڪيو۔ امِيرُ المُؤمِنِين حضرت صديق اَڪبَر رَضِىَ اللهُ عَنۡه پنهنجي ذهانت ۽ ديني بصيرت سان انهن جي خلاف جهاد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو پر صحابه ڪرام عليهم الرِّضْوَان کي هن فيصلي تي ڳڻتي هئي، حضرت عمر فاروق رَضِىَ اللهُ عَنۡه سندن خدمت ۾ حاضِر ٿي عرض ڪيو: رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جنهن لَا اِلٰه اِلَّا الله چيو، ان پنهنجو مال ۽ جان محفوظ ڪري ورتو۔ هن فرمانِ مصطفيٰ جي هوندي، اوهان زڪوٰة جو انڪار ڪرڻ وارن کان ڪيئن ٿا جهاد ڪري سگهو، حالانڪه اهي ”لَا اِلٰه اِلَّا الله“ پڙھن ٿا ۽ ان کي مڃن ٿا۔ اَمِيرُ المُؤمِنِين حضرت صديق اَڪبَر رَضِىَ اللهُ عَنۡه جن فرمايو: جيڪو نماز ۽ زڪوٰۃ ۾ فرق ڪندو مان لازمي ان سان جهاد ڪندس، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه وڌيڪ ٻيون به ڳالھيون ارشاد فرمايون، حضرت عمر فاروق رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: سندن خطاب ٻُڌي مون کي يقين ٿي ويو ته الله پاڪ هن معاملي ۾ سندن سينو کولي ڇڏيو آهي۔

(مُسْلِم، کتابُ الْاِیْمان، صفحہ:33، حدیث:32)

آخر حضرت صديق اَڪبَر رَضِىَ اللهُ عَنۡه انهن جي خلاف جهاد ڪيو۔ حضرت عبد الله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: شروع ۾ اسان هن فيصلي کي ناپسند ڪيو هو، اسان سمجھندا هئاسين: اهو فيصلو دُرست ناهي، زڪوٰۃ جو انڪار ڪرڻ وارن خِلاف جهاد نه ٿيڻ گھرجي، پر جڏهن ان جو نتيجو سامهون آيو، زڪوٰۃ جو انڪار ڪرڻ وارن توبه ڪئي، شرعي قاعدي جي مطابق زڪوٰة ڏيڻ لڳا ته اسان صديقِ اَڪبَر رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي ذهانت ۽ عقلمندي ۽ ديني بصيرت جي تعريف ڪئي۔ يقيناً حضرت صديقِ اَڪبَر رَضِىَ اللهُ عَنۡه اهو فيصلو نه ڪن ها ته قيامت تائين جي لاءِ اسلام جو هڪ بنيادي رُڪن زڪوٰة فوت ٿي وڃي ها ۽ ماڻهو ان جا مُنڪر ٿي وڃن ها۔ حضرت ابو رَجاء رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: مون ڏٺو: حضرت عمر فاروق رَضِىَ اللهُ عَنۡه ان وقت اَمِيرُ المُؤمِنِين حضرت صديقِ اَڪبَر رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي پيشاني