Book Name:Siddique akbar ki zihanat

پاڪ جنّتِ عَدن (جيڪا سڀ کان اَفضَل جنّت آهي) ان کي مخاطب ڪندي فرمايو: مون کي منهنجي عزت ۽ جلال جو قسم! مان تو ۾ صِرف ان کي ئي داخل ڪندس جيڪو هن ٻار (يعني حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنۡه) سان محبت ڪندو۔ (میزانُ الاِعْتِدَال، جلد:1، صفحہ:260، حدیث:466) الله پاڪ اسان سڀني کي خليفه اَوَّل حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي بي پناھ محبت نصيب فرمائي۔ اچو! گڏجي دُعا گھرون ٿا:

الٰہی! رحم فرما، خادِمِ صدیقِ اکبر ہوں      تری رَحْمَت کے صدقے، واسطہ صدیقِ اکبر کا([1])

صديقِ اڪبر جو مختصر تعارف

جانشينِ مصطفيٰ، خلفيه اَوَّل، اَمِيرُ المُؤمِنِين حضرت صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو نالو مبارڪ عبدالله آهي، ۽ سندن ڪُنيت ابوبڪر، ۽ سندن لقب صديق، عَتِيق آهي، سُبْحٰنَ الله! صِدِّيق جي معنيٰ آهي ”گھڻو سچ ڳالهائيندڙ“ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه سدائين سچ ڳالهيندا هئا، ۽ عَتِيق جي معنيٰ آهي”آزاد“. سرڪارِ عالي وقار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه کي خوشخبري ڏيندي فرمايو: اَنۡتَ عَتِیْقٌ مِّنَ النَّارِ يعني (اي ابو بڪر!) توهان جهنم جي باهه کان آزاد آهيو۔ (معجمِ کبیر، جلد:1، صفحہ:20، حدیث:) 

حضرت صديق اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو تعلق قبيلهءِ قريش سان آهي ۽ ستين پيڙهي ۾ سندن جو نسب رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خانداني شجري سان وڃي ملي ٿو، آزاد مردن ۾ سڀ کان پهرين صديق اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنۡه اسلام قبول ڪيو، ماشآء الله! سندن فضائل و ڪمالات جي ڇا ڳالھ ڪجي! اَنبِيَاءِ ڪِرام عَلَيهِمُ السَّلام کانپوءِ اڳين پوين سڀني انسانن ۾ سڀ کان افضل ۽ اعليٰ آهن، صديق اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنۡه تمام غزوات ۾ شريڪ ٿيا، صُلح ۽ جنگ جي سڀني فيصلن ۾ پنهنجي حبيب، دلين جي طبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا وزير بڻجي زندگي جي هر واٽ تي پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ساٿ ڏئي جان نثاري ۽ وفاداري جو حق ادا ڪيو، 2 سال 7 مهينا


 

 



[1]   ذَوقِ نعت، صفحہ:76۔