Book Name:Siddique akbar ki zihanat

صديق رَضِىَ اللهُ عَنۡه سان محبت جو اِظهار ڪيو آهي، ان کي گھرايو ۽ خوشخبري ٻڌايو ته ان جي دِل ۾ ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي محبت آهي، الله پاڪ ان محبت جي برڪت سان ان کي جهنّم جي ٻن 2 مصيبتن کان آزادي ڏيندو: (1): نه ان جي پيرن ۾ ٻيڙيون وڌيون وينديون۔ (2): نه ڳچي ۾ زنجير وڌو ويندو۔

پياري حُضُور، الله جي نور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ يڪدم يهودي کي گھرايو ۽ الله جو پيغام ٻُڌايو، اهو پيغام ٻڌندي ئي يهودي جي دِل ۾ روشني چمڪي، خوش ٿي ان آسمان ڏانهن نِگاھ کڻي پڙھيو: اَشْهدُ اَن لَّا اِلٰه اِلَّا الله وَاَنَّک مُحَمَّدٌ رَسُوْلُ الله حَقّاً مان شاهدي ڏيان ٿو: الله کان سِوا ڪو عِبَادت جي لائق ناهي ۽ اوهان محمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ الله جا سچا رسول آهيو۔

الله! الله! ڪجھ دير پهريان جيڪو يهودي هو، هاڻي ان جي زِندگي ۾ انقلاب اچي چڪو هو، پنهنجي آئنده زِندگي ان کي ڪيئن گذارڻي آهي؟ ان پنهنجي نيت جو اظهار ڪندي چيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! ان ذات جو قسم! جنهن اوهان کي سچو رسول بڻائي موڪليو آهي، مان زندگي ۾ ڪڏهن به ابوبڪر جي محبت پنهنجي دِل مان گھٽ ٿيڻ ڪونه ڏيندس بلڪ ان کي وڌائيندو ئي رهندس۔

غور ڪريو! هاڻي هو مسلمان آهي ۽ رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سامهون صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي محبت دِل ۾ رکڻ ۽ ان کي وڌائڻ جو قسم کڻي رهيو آهي، ان تي نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي ڇڙٻيو نه، اهو نه فرمايائون ته هاڻي توهان مسلمان آهيو، هاڻي صِرف الله سان محبت ڪيو! هاڻي قرآن سان محبت ڪيو، هاڻي ڪلمو پڙھي چڪا آهيو، هاڻي ابوبڪر جي نه بلڪه منهنجي محبت ضروري آهي، نه، ائين نه چيائون، بلڪ فرمايائون: هنِيئًا، هنِيئًا مبارڪ هجي! مبارڪ هجي! يعني توهان کي ابو بڪر جي محبت جي سڃاڻپ ٿي وئي، ان جي اهميت جي توهان کي خبر پئجي وئي، ان جي برڪت سان توهان کي ايمان