Book Name:Siddique akbar ki zihanat

صديقِ اَڪبَر سموري اُمّت کي بچائي ورتو

جڏهن الله جي نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ دُنيا کان ظاهري پردو ڪيو، صحابه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ تي قيامت اچي ٽٽي، ان جو جيئڻ مشڪل ٿي ويو، حضرت عمر فاروق رَضِىَ اللهُ عَنۡه، اهو عقل مند، ذهين ۽ عقلمند صحابي جن جي راءِ جي موافق قرآن لهندو هو، پاڻ به غمِ مصطفيٰ سان ڀريل هئا ۽ تلوار کڻي اهو اعلان ڪري رهيا هئا: خبردار! جنهن چيو ته مُحَمَّد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ وصال فرمائي ويا آهن، ان جو ڪنڌ لاهي ڇڏيندس۔ (مَواہِبُ اللَّدُنْیہ، جلد3، صفحہ:389)

هيڏانهن صحابه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ غَمِ مصطفيٰ ۾ ورتل هئا، هوڏانهن يهود ونصاريٰ، ڪافر ۽ مشرڪ خوش هئا، هاڻي اهي فريبي نگاهن سان مسلمانن کي ڏسي رهيا هئا ۽ منصوبا ٺاهي رهيا هئا ته هن وقت مسلمان غمگين آهن، موقعو سٺو آهي، هاڻي مسلمانن جي پهريان جھڙي طاقت نه رهندي، هاڻي انهن کي آساني سان شڪست ڏئي سگھجي ٿي۔ (سَبْعَ سَنَابِل مترجم، صفحہ:64) 

اهڙي نازُڪ موقعي تي حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنۡه عقلمندي سان ڪم ورتو، توڙي جو غم جو پهاڙ انهن تي به ٽٽل هو، پر پاڻ موقعي جي نزاڪت کي سمجھيو، پنهنجي جذبات کي قابو رکي سڄي اُمّت کي قدمن تي بيهارڻ، ڪافِرن جي سازشن کان بچائڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي۔ حضرت عبد الله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: صديقِ اَڪبَر رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي وِصَالِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خبر ملي، پاڻ تشريف کڻي آيا، صحابه ڪرام عليهم الرِّضْوَان غمگين هئا، حضرت صديقِ اَڪبَر رَضِىَ اللهُ عَنۡه صحابه ڪرام عليهم الرِّضْوَان آڏو خطاب ڪندي فرمايو: توهان مان جيڪو مُحَمَّد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي عِبَادت ڪري ٿو، ان کي خُدا مڃي ٿو اهو ڄاڻي وٺي ته مُحَمَّد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي موت طاري ٿيو آهي، پاڻ دُنيا کان ظاهري پردو فرمايو آهي ۽ جيڪو الله جي عبادت ڪري ٿو، صِرف ان کي خدا مڃي ٿو ته بيشڪ الله پاڪ حَي لَايمُوْت آهي، هو زِنده آهي، ان کي ڪڏهن، هڪ لمحي جي لاءِ به موت نه ايندو۔ پوءِ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه سيپاري: 4، سُورَة آلِ عِمرَان