Book Name:Siddique akbar ki zihanat

ٻُڌايو، اُنهن سان ڪلام ڪيو)، ان سچي خدا جو قسم! اِنِّي لَاُحِبُّک اي ابو بڪر (رَضِىَ اللهُ عَنۡه) مان اوهان سان محبت ڪيان ٿو۔

حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنۡه يهودي جي ڳالھ ٻُڌي ۽ ما شآءالله! ذهانت ڏسو! اسان جي منهن تي ڪو تعريف ڪري، اسان کان عقيدت جو اظهار ڪري، اسان جا هٿ چُمي ته اسان آڪڙجي ويندا آهيون، پنهنجي پاڻ کي گھڻو ڪجھ سمجھڻ لڳندا آهيون، پر حضرت صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنۡه وڏائي نه ڪئي، خود پسندي جو شِڪار نه ٿيا ته مان وڏو عزت دار آهيان، منهنجي وڏي واھ واھ آهي، منهنجو انداز، منهنجو ڪردار ماڻهن جي دلين ۾ گهر ڪري ويندو آهي وغيره، شيطان جي چالن ۾ نه آيا، ۽ عِلم جي ڳالھ ڏسو! يهوديءَ الله جو قسم کنيو هو، حضرت صديق اَڪبَر رَضِىَ اللهُ عَنۡه الله پاڪ جي بابرڪت نالي جو اَدَب ڪندي يهودي کي ڪوڙو به نه چيائون، بلڪه پنهنجو مٿو مُبَارَڪ جھڪائي ڇڏيو۔ ڇو جھڪايو؟ حضرت اَنس رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: تَهاوُنًا بِالْيهوْدِ يهودي کي نظر انداز ڪرڻ، ان کي ڪم تر ڪرڻ جي لاءِ۔ ڄڻ پاڻ ان کي ٻڌائڻ چاهيو ٿي ته توهان مون سان محبت جي دعويٰ ته ڪري رهيا آهيو پر منهنجي آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان محبت ڪري، ان جو ڪلمو پڙھي ان جي غلامي ۾ نٿا اچو؟ ياد رکو! ابو بڪر جو عقيدو آهي، جيڪو منهنجي آقا جو آهي، اهو منهنجو آهي، جيڪو اُن جو ناهي، منهنجو به ناهي۔

اپنا عزیز وہ ہے جسے تو عزیز ہے                                                                    ہم کو ہے وہ پسند، جسے آئے تُو پسند([1])

 

پوءِ صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنۡه وڏائي نه ڪيائون بلڪ مٿو جھڪائي ڇڏيو، هيڏانهن سندن مٿو جھڪايو، هوڏانهن جبريل امين عَلَيه السَّلام وحي کڻي دربارِ رسالت ۾ حاضِر ٿي عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! الله پاڪ اوهان جي لاءِ سلام موڪليو آهي ۽ حڪم ڏنو آهي: اهو يهودي جنهن حضرت ابو بڪر


 

 



[1]   ذوقِ نعت، صفحہ:126۔