Book Name:Siddique akbar ki zihanat

اندازِ زندگي ۾ تبديلي اچڻ لڳي، مون کي سنتن تي عمل جو جذبو مليو ۽ الحمد لله! نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ، سنتن کي هر هڪ تائين پهچائڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي ديني ڪمن ۾ به دلچسپي وٺڻ لڳس۔ الحمد لله! مدني مذاڪري جي ذريعي منهنجي اهڙي تربيت ٿي جو 26 ساله زندگي ۾ ڪڏهن نه ٿي هئي۔ (اجنبی کا تحفہ، صفحہ:28، خُلاصۃً) 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِ رسالت، شَهنْشاھ نُبُوت صَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي هو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔

(مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،الفصل الثانی،۱/۵۵،حدیث:۱۷۵)

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!        جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

شڪر ڪرڻ سُنت آهي

ٻه فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: (1): ٻانهي جي هر گرھ ۽ هر ڍُڪ تي الله ڪريم جو شڪر ڪرڻ الله پاڪ کي پسند آهي۔ (مُسْلِم، کتابُ الذِّکْر و الدُّعَا، صفحہ:1122، حدیث:6932) (2): پنهنجون زبانون ذِڪر سان ۽ دِل شڪر سان تَر رکو!۔

(شُعَبُ الْاِیْمَان، باب: محبۃ ُ اللہ، جلد:1، صفحہ:419، حدیث:590، ملتقطاً)

        اي عاشقانِ رسول! شُڪر ڪرڻ سُنّت آهي۔ * الله جا آخري نبي، رسولِ هاشِمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪثرت سان شڪر ڪندا هئا * رسول اڪرمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪڏهن ناشڪري نه ڪئي * شڪر اعليٰ عبادت آهي * شڪر ڪرڻ سان نعمت ۾ اضافو ٿيندو آهي * ”ٻانهي کي نعمت ملي، ٻانهو شڪر ڪري، ان جي برڪت سان اِنْ شَآءَ الله! ٻانهو عذاب کان محفوظ رهندو۔“

(صِرَاطُ الجنان، جلد:4، صفحہ:406، خُلاصۃً)