Siddique akbar ki zihanat

Book Name:Siddique akbar ki zihanat

حصہ:3، جلد:2، صفحہ:141، حدیث:6877) پوءِ اَوَّل ته ٻانهو خاموش رهي، جيڪڏهن ڳالھائي ته فضول ڳالھ وات مان نه ڪڍي، بلڪ اهڙي ڳالھ ڪري جنهن کي شريعت جي نِگاھ ۾ ”ذِڪر“ چئي سگھجي. ٻيو وصف: خاموشي ۾ غور وفڪر ڪري، يعني ان جو ڳالهائڻ به فضول نه هجي، ان جو چپ رهڻ به فضول نه هجي، ڪيترائي ماڻهو آهن، جيڪي چپ رهن ٿا، گھٽ ڳالهائڻ انهن جي عادت جو حصو هوندو آهي، ان جي باوُجود انهن کي حڪمت ناهي ملندي، ڇو؟ ان ڪري جو چپ ته رهن ٿا پر غور وفڪر نٿا ڪن، يا غور وفڪر به ڪن ٿا ته صِرف دُنيا لاءِ۔ هڪ شخص هو، جيڪو اڪيلو ئي روڊ ڪناري خاموش ويٺو هوندو هو، پڇيو ويو: ڀاءُ! هتي خاموش ڇو ويٺا آهيو؟ چيائين: روڊ تان خوب صُورت ڪارون گذرن ٿيون، انهن کي ڏسي خوش ٿيندو رهان ٿو ۽ سوچان ٿو: ڪڏهن الله مون کي به اهڙي ڪار ڏيندو۔ الامان والحفيظ! ته پوءِ خاموشي به هجي، غور وفڪر به ۽ غور وفڪر به دُنيا جي باري ۾ نه بلڪ آخرت جي معاملي ۾۔ امام داراني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: آخرت جي مُعَامَلي غور وفڪر ڪرڻ حڪمت و دانائي کي وڌائي ٿو ۽ دِل کي زِنده ڪري ٿو۔ (حِلیۃالْاَوْلیاء، جلد:9، صفحہ:291) ٽيون وصف: ان جي نگاھ ۾ عِبرت هجي، يعني جنهن شيء کي ڏسي، ان مان عبرت حاصِل ڪري۔ اها شيء به عقل کي وڌائي ٿي، ٻين جي تجربن کان سکڻ، پنهنجي غلطين کان تجربو حاصِل ڪرڻ، هن سان به عقل وڌندو، عقلمندي پيدا ٿيندي آهي۔

(4):عقل ۽ دانائي وڌائڻ جو چوٿون طريقو: تجربه ڪار، عقل مند ماڻهن جي صحبت اختيار ڪريو۔ اَفضَل ۽ اعليٰ رسول، رسول مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جڏهن اهڙي شخص کي ڏسو جنهن کي دُنيا کان بي رغبتي ۽ گھٽ ڳالهائڻ جي نعمت ڏني وئي آهي ته ان جو قُرب حاصل ڪريو! بيشڪ اهڙي شخص کي حڪمت ۽ دانائي ڏني ويندي آهي۔ (اِبْنِ مَاجَہ، کِتَابُ الزُّہْد، صفحہ:667، حدیث:4101) هڪ حديثِ پاڪ ۾ فرمايو ويو: خوش خبري آهي ان جي لاءِ جيڪو فقيه (يعني دين ۾ سمجھ رکڻ واري) ۽ حڪيم و دانا کان ملي، ان وٽ ڪثرت سان اچڻ وڃڻ رکي۔

 (جَامِع صغیر، صفحہ:327، حدیث:5299)