Book Name:Siddique akbar ki zihanat

اهو ئي ڪندو آهي، ان جي سوچڻ جي، سمجھڻ جي، نتيجو ڪڍڻ جي قوت ڪمزور هوندي آهي، ان ڪري ته اهو والدين کي، استادن کي، پنهنجي ڀيڻ ڀائرن کي، گلي محلي جي ٻارن کي جيڪو ڪجھ ڪندي ڏسندو آهي اهو ئي ڪرڻ لڳندو آهي، نه ان کي صحيح جي سڃاڻپ هوندي آهي، نه غلط کي پرکي سگھندو آهي، پر حضرت صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي ذهانت تي قربان وڃجي! الله پاڪ کين ڪيترو نوازيو هو، ڪهڙي اعليٰ نوراني طبيعت تي سندن کي پيدا فرمايو هو جو آس پاس جو سڄو ماحول ڪفر وشرڪ سان ڀرپور آهي، گهٽي پاڙي ۾ ايستائين جو ڪعبي شريف ۾ پٿر جا ڪوڙا خدا نصب آهن، والِد پاڻ وٺي وڃي ان ڪوڙن خُدائن اڳيان بيهاري ٿو ۽ حڪم ڏئي ٿو ته پٽ! اهي تنهنجا خُدا آهن، انهن کي سجدو ڪر۔ ان جي باوُجود جو اها ڳالھ جيڪا ان وقت جي وڏن وڏن سردارن کي سمجھ ۾ نه آئي، جن کي ماڻهو اَبُو الحَڪم (فيصلو ڪرڻ وارو، وڏو عقل مند) چئي پُڪاريندا آهن، انهن جو عقل جنهن حقيقت کي سمجھڻ کان قاصِر هو، صديقِ اَڪبَر رَضِىَ اللهُ عَنۡه چئن سالن جي عمر ۾ ان ڳالھ کي سمجھي به رهيا آهن، ان جي خِلاف دليل به ڏئي رهيا آهن ۽ پٿر هڻي، ڪوڙن خدا کي اونڌو ڪيرائي، دليل سان ثابت به ڪري رهيا آهن ته اهي پٿر جا مجسما هر گز خُدا نٿا ٿي سگھن، خُدا سَمِيع ۽ بَصِير (ٻڌڻ ۽ ڏسڻ وارو) هوندو آهي، اهي ڏسن ٻڌن نٿا، خُدا ڪلام ڪري سگھي ٿو، اهي بي جان مجسما ڳالهائي نٿا سگھن، خُدا دِلين جا حال به ڄاڻي ٿو، انهن بتن کي پنهنجي حال جي به خبر ناهي، خُدا ٻانهن جون حاجتون پوريون ڪرڻ وارو آهي، اهي بت پاڻ ٻين جا محتاج آهن، خُدا حافِظ وناصِر هوندو آهي، اهي پاڻ پنهنجي به حفاظت نٿا ڪري سگھن، اهي ڀلا ڪيئن خُدا ٿي سگھن ٿا؟ حقيقي خدا ته اهو آهي جيڪو ٻُڌي ٿو، ڏسي ٿو، ۽ ڄاڻي ٿو، قدرت وارو آهي، سڄي دُنيا کي پالي ٿو، نه ان کي ننڊ اچي ٿي، نه ئي جهوٽُو اچي ٿي، سچو خدا ته اهو ئي رَبُّ العَالمين آهي۔

صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو ڪامل ايمان

الله! الله! اي عاشقانِ رسول! خبر پئي ته حضرت صديقِ اَڪبَر رَضِىَ اللهُ عَنۡه